Get Adobe Flash player

سبق اٺون:وضوءَ جا شرط

هيٺ بيان ٿيندڙ شرطن سان وضو صحيح آهي، ۽ انهن مان ڪنهن به هڪ شرط جي نه هئڻ سان وضو باطل آهي.

1ـ وضوءَ جي پاڻي ۽ ٿانو:

1 ـ وضوءَ جو پاڻي پاڪ هجي (نجس نه هجي).

2ـ وضوءَ جو پاڻي مباح هجي (غصبي نه هجي).

3ـ وضوءَ جو پاڻي مطلق هجي (مضاف نه هجي)

4ـ وضوءَ واري پاڻي جو ٿانو مباح هجي

5ـ وضوءَ واري پاڻي جو ٿانو سون يا چاندي جو نه هجي.

2ـ جن عضون تي وضو ڪيو وڃي ٿو :

1ـ پاڪ هجن.

2ـ انهن تائين پاڻي جي پهچڻ ۾ ڪنهن شيءِ جي رڪاوٽ نه هجي.

3ـ وضوءَ جي ڪيفيت :

1ـ ترتيب جي رعايت ڪئي وڃي (اعمال وضو ۾ بيان ٿيل ترتيب جي مطابق)

2ـ موالات جي رعايت ڪئي وڃي (اعمال وضو جي درميان فاصلو نه هجي)

3ـ وضو جي اعمال کي پاڻ انجام ڏئي (ڪنهن ٻئي کان مدد نه وٺي).

4ـ وضو ڪرڻ واري لاءِ شرط:

1ـ پاڻي جو استعمال ان لاءِ نقصان جو باعث نه بڻجي.

2ـ قصد قربت سان وضو ڪري (ريا ڪاري نه ڪري).

1_ وضوءَ واري پاڻي ۽ ٿانو جا  شرط

1ـ نجس ۽ مضاف پاڻي سان وضوڪرڻ باطل آهي،چاهي ڄاڻندو هجي يا نه يا ورسري ويو هجيس

2ـ وضو جو پاڻي مباح هئڻ گھرجي، ان لحاظ سان هيٺين موقعن تي وضو باطل آهي.

¨ ان پاڻي سان وضو ڪرڻ، جنهن جو مالڪ راضي نه هجي ( ان جو راضي نه هئڻ معلوم هجي).

¨ ان پاڻي سان وضو ڪرڻ جنهن جي مالڪ جي باري ۾ معلوم نه هجي ته راضي آهي يا نه .

¨ ان پاڻي سان وضو ڪرڻ جيڪو ڪجهه خاص ماڻهن لاءِ وقف ڪيو ويو هجي، جيئن ڪجھ مدرسن جا حوض ۽ ڪجھ هوٽلن ۽ مسافرخانن جا وضو­خانه.......

3ـ وڏن واهن جي پاڻي سان وضو ڪرڻ ۾ ڪو به حرج نه آهي، اگرچه انسان نه ڄاڻيندو هجي ته ان جو مالڪ راضي آهي يانه، پر جيڪڏهن مالڪ وضو ڪرڻ کان منع ڪري ته احتياط واجب اهو آهي ته ان سان وضو نه ڪيو وڃي.

4ـ جيڪڏهن وضو جو پاڻي غصبي ٿانو ۾ هجي ۽ ان سان وضو ڪيو وڃي ته وضو باطل آهي.

2_ وضو جي عضون لاءِ شرط

1ـ ڌوئڻ ۽ مسح ڪرڻ وقت وضوءَ جي عضون جو پاڪ هئڻ ضروري آهي.

2ـ جيڪڏهن وضوءَ جي عضون تي ڪا اهڙي شيءِ هجي جيڪا کل تائين پاڻي جي پهچڻ ۾ رڪاوٽ هجي يا مسح واري عضون تي هجي ۽ پاڻي جي پهچڻ ۾ به مانع نه هجي، وضو کان پهريان ان شيءِ کي هٽائڻ گھرجي.

3ـ بال پين جون لڪيرون، رنگ، سڻڀ ۽ ڪريم جا داغ، جڏهن رنگ ڪجهه مادي جي بغير هجن ته وضو جي لاءِ مانع نه آهن، پر جيڪڏهن مادو رکندا هجن ته (کل تي جسم حائل ٿيڻ جي صورت ۾) پهريان ان کي هٽائڻ گھرجي.

3_ وضوءَ جي ڪيفيت لاءِ شرط

ترتيب: وضو جي عملن کي انجام ڏيڻ وقت هن ترتيب جو خيال رکيو وڃي:

¨ منهن جو ڌوئڻ

¨ ساڄي ٻانهن جو ڌوئڻ

¨ کاٻي ٻانهن جو ڌوئڻ

¨ مٿي جو مسح

¨ ساڄي پير جو مسح

¨ کاٻي پير جو مسح

جيڪڏهن وضو جي عملن کي انجام ڏيڻ وقت ترتيب رعايت نه ڪئي وڃي ته وضو باطل آهي،ايستائين جو جيڪڏهن کاٻي ۽ ساڄي پير جو گڏ مسح ڪيو وڃي (وضو باطل آهي).

4_ موالات

1ـ موالات، يعني وضو جي عملن کي هڪ ٻئي پٺيان بغير ڪنهن فاصلي جي مسلسل انجام ڏيڻ.

2ـ جيڪڏهن اعمال وضو جي درميان ايترو وقفو ڪيو وڃي جو جڏهن ڪنهن عضوي کي ڌوئڻ يا مسح ڪرڻ گھري ته ان کان پهريان واري وضو ڪيل يا مسح ڪيل عضوي جي آلاڻ خشڪ ٿي وئي هجي تهوضو باطل آهي.

5_ وضو ءَ ۾ ٻين کان مدد نه وٺڻ

1ـ جيڪو شخص پاڻ وضو ڪري سگھندو هجي ان کي ٻين کان مدد حاصل نه ڪرڻ گھرجي، ان ڪري جيڪڏهن ڪو ٻيو شخص ان جا هٿ يا منهن ڌوئي يا ان جو مسح انجام ڏئي ته وضو باطل آهي.

2ـ جيڪو شخص پاڻ وضو نه ڪري سگھندو هجي، ته ان کي نائب مقرر ڪرڻ گھرجي جيڪو ان جي وضو کي انجام ڏيئي سگھي، جيڪڏهن ان صورت ۾ اجرت به طلب ڪري ته طاقت هئڻ جي صورت ۾ اجرت ڏيڻ گھرجي پر ياد رهي ته وضو جي نيت هو پاڻ انجام ڏيندو.

6_ وضو ڪرڻ واري لاءِ شرط

1ـ جنهن شخص کي خبر هجي ته وضو ڪرڻ جي صورت ۾ بيمار ٿيندو يا بيمار ٿيڻ جو خوف هجيس، ان کي تيمّم ڪرڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن وضو ڪري ته ان جو وضو باطل آهي. پر جيڪڏهن ان کي خبر نه هجي ته پاڻي هن جي لاءِ مضر( باعث نقصان) آهي ۽ وضو ڪرڻ کانپوءِ کيس خبر پئي ته پاڻي مضر هيو ته ان جو وضو صحيح آهي.

2ـ وضوءَ کي قصد قربت جي نيت سان انجام ڏيڻ گھرجي، يعني الله سائين جي حڪم کي انجام ڏيڻ لاءِ وضو ڪري.

3ـ ضروري نه آهي ته نيت کي زبان تي آڻجي،ياپنهنجي دل ۾ نيت جي لفظن کي ورجائي بلڪه ايترو ڪافي آهي ته ڄاڻيندو هجي ته وضو ڪري رهيو آهي، ۽ جيڪڏهن هن کان پڇيو وڃي ته ڇاڪري رهيو آهي؟ ته جواب ۾ چئي سگھي ته وضو ڪري رهيو آهي.

نوٽ : جيڪڏهن نماز جو وقت ايترو تنگ هجي جو وضو ڪرڻ جي صورت ۾ سڄي نماز يا نماز جو ڪجھ حصو وقت گذرڻ کان بعد ۾ ادا ڪرڻي پئي ته ان صورت ۾ تيمّم ڪرڻ گھرجي.

سبق 8 جو خلاصو

1ـ وضو جو پاڻي پاڪ، مطلق ۽ مباح هئڻ گھرجي، ان ڪري نجس يامضاف پاڻي سان وضو ڪرڻ هر حالت ۾ باطل آهي، فرق نه ٿو ڪري ته پاڻي جي نجس يا مضاف هئڻ جي باري ۾ علم رکندو هجي يا علم نه رکندو هجي.

2ـ جيڪڏهن انسان ڄاڻيندو هجي ته پاڻي غصبي آهي ته وضو ڪرڻ باطل آهي،پر جيڪڏهن خبر نه هجيس ته صحيح آهي

3ـ جيڪڏهن وضوءَ جا عضوا نجس هجن ته وضو باطل آهي، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن وضوءَ جي عضون مان ڪنهن عضوي تي ڪا اهڙي شيءِ هجي جيڪا پاڻي جي پهچڻ کان مانع هجي ته وضو باطل آهي.

4ـ جيڪڏهن وضوءَ ۾ ترتيب ۽ موالات جو لحاظ نه رکيو وڃي ته وضو باطل آهي

5ـ جيڪو شخص پاڻ وضو ڪري سگھندو هجي ته ان کي وضو ڪرڻ ۾ ٻئي ڪنهن کان مدد نه وٺڻ گھرجي.

6ـ وضوءَ کي الله تعالى جي حڪم کي ادا ڪرڻ ۽سندن قربت جي نيت سان انجام ڏئي.

7ـ جيڪڏهن انسان وضو ڪرڻ جي صورت ۾ ان جي سڄي نماز يا نماز جو ڪجھ حصو وقت گذرڻ کان پوءِ پڙهيو وڃي ته ان صورت ۾ تيمّم ڪرڻ گھرجي.

هيٺين سوالن جا جواب ڏيو (؟)

1ـ مختلف ادارن جي وضو خانن ۾ اتان جي ملازمن کان علاوهه ٻين ماڻهن جي وضو ڪرڻ جو ڇا حڪم آهي؟

2ـ پاڻي کي ٿڌي ڪرڻ وارين مشينن مان جيڪي پيئڻ واري پاڻي لاءِ مخصوص هجن وضو ڪرڻ جو ڇا حڪم آهي؟

3ـ جيڪو پاڻ وضو نه ڪري سگھندو هجي ان جو ڇا فرض آهي؟

4ـ وضو ۾ قصد قربت جي وضاحت ڪريو؟

5ـ وضو جي ترتيب ۽ موالات ۾ ڇا فرق آهي؟