Get Adobe Flash player

قَالَ الصَّادِقُ عَلَيۡہِ السَّلَام کَانَ اَمِيرُالۡمُومِنينَ يَقولُ اِنَّ مِن حَق العَالِم اَن لَا يَکثِرَ عليہ السوال وَلَا تَاخُذ بثوبہ وَاِذَا دَخَلتَ عَلَيہ وَ عِندَه قَوۡمُ فَسَلّمۡ عليهم جميعًا وَخَصّہ بالتَّحِيَّةِ وَاجۡلِسۡ بين يديہ وَلَا تجلس خلفہ ولاتغمض بعنيک ولا تشربيدک ولا تکثر من القول قال فلان وقال فلان خلافًا لقولہ ولا تضجر بطول صحبتہ فانما مثل العالم مثل النخلة تنتظرها متيٰ يسقط عليہ منها شئ وان العالم اعظم اجرا من الصائم القائم الغازي في سبيل الله  ) وسائل الشيعه ج 8 حديث 1 با 123 ابواب آداب معاشرت(

اسلام ۾ڪيترائي حڪم عالم جي عزت ۽ ان جي احترام جي باري ۾بيان ٿيل آهن ۽ عالم مان مراد هر اهل علم جيڪو مسلمانن لاءِ مفيد آهي. جنهن زماني ۾نبي ڪريم )صلى الله عليه وآله وسلم(  اسلام جو اعلان ڪيو ان وقت اهو معاشرو جهالت جي ٻاٽ انڌيري ۾هو جنهن ۾علم جو ته نالو ئي نه هو پر ماڻهو پاڻ کي ابوجهل سڌرائڻ ۾فخر محسوس ڪندا هئا. اهڙي دور ۾به علم ۽ عالم جي ڳالھ ڪرڻ ۽ ان کي مڃرائڻ پيغمبر اسلام جي معجزات منجھان آهي.

مولا امير عليہ السلام عالم جا ست حق ڳڻايا آهن.

(1) ان من حق العالم ان لا يکثر عليہ السوال.

عالم جي حقن مان پهريون حق هي آهي ته ان کان گھڻا سوال نه ڪيا وڃن جنهن جو مطلب اهو آهي ته اجايا سوال پڇڻ کان پرهيز ڪئي وڃي ته جيئن سندس گھڻو وقت ضايع نه ٿئي جيڪڏهن ڪچهري آهي ته هڪ ئي ماڻهو پنهنجا سڀئي اجايا،سجايا سوال نه پڇي ته جيئن ٻين کي به وارو ملي سگھي ۽ اهي به پنهنجن سوالن جا جواب حاصل ڪري سگھن يا جيڪڏهن عالم سان تنهائي ۾ملاقات آهي ته به گھڻا سوال نه پڇيا وڃن ته جيئن هن جو وقت بچي ۽ هو پنهنجي ٻين ضروري ڪمن يا مطالعي وغيره کي منهن ڏئي سگھي.

(2) وَلَا تَاخُذۡ بِثوۡبِہ .

عالم جي حقن مان ٻيو حق اهو آهي ته هن جا ڪپڙا نه ڇڪيو جنهن جو هڪ مطلب هيءُ آهي ته ايترو ان سان بي حجاب نه ٿي وڃو جو ڳالهائڻ يا سوال پڇڻ وقت ڪيڏي مهل هن جي ڪلهي کي ڌوڻو ڏئي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو. ڪيڏي مهل قميص جي دامن ڇڪي ڪيڏي مهل وڏي دانهن ڪري کيس پاڻ ڏانهن متوجه ڪريو ،هڪ عالم سان اها رفتار رکڻ صحيح نه آهي.

ٻيو مطلب مولا جي ڪلام جو هي ٿي سگھي ٿو ته سوال پڇڻ لاءِ ان کي چنبڙي نه پئو. جيڪڏهن سوال جو جواب مختصر ڏي ته گھڻو تفصيل وضاحت ڪرڻ تي اصرار نه ڪريو ۽ جيڪڏهن ماڻهن جي موجودگي جي ڪري سوال جو جواب ئي نه ڏي ته به هرو ڀرو ان سوال جو پيڇو نه ڪيو ۽ سمجھو ته توهان جو سوال مناسب نه آهي جنهن ڪري جواب نه ٿو ملي.

(3) وَ اِذَا دَخَلۡتَ عَلَيۡہِ وعِندَه قَوۡمُ فَسَلِمۡ عَلَيۡهِمۡ جَمِيۡعًا وخصہ بالتَّحِيَّةِ.

عالم جي حقن مان ٽيون حق اهو آهي ته جڏهن هن وٽ پهچين ۽ ان وٽ ڪجھ ماڻهو ويٺل هجن ته پهرين انهن کي گڏي سلام ڪر ۽ پوءِ خاص اهميت ۽ نوڙت سان عالم کي سلام  ڪري ۽ احوالپرسي ڪر يعني ائين نه ٿئي ته هڪ عالم ۽ عام ماڻهن ۾ڪوبه فرق نه ڪرين ۽ سڀني جهڙو عام رواجي سلام ڪري هليو وڃين پر توکي گھرجي ته عالم کي هڪ خاص عقيدت ۽ احترام سان سلام ڪر ته جيئن هن جي عزت ۽ وقار نمايان نظر اچي.

(4)وَاجۡلِسۡ بَيۡنَ يَدَيۡہِ وَلَاتَجۡلِسۡ خَلۡفَہُ

عالم جي حقن مان چوٿون حق هي آهي ته هن جي اڳيان۽ سامهون ٿي ويهه ۽سندس پٺيان نه ويهه ڇو جو پٺيان ويهڻ سان ممڪن آهي اهو عالم ڪنهن ڳالھ لاءِ توکي مخاطب قرار ڏي ۽ پو هن کي تو ڏانهن ڪنڌ ورائڻ يا مُڙي ڏسڻ ۾ڏکيائي ٿئي.

          ٻيوسبب هي ٿي سگھي ٿو ته عالم جي ڳالھ وزنائتي ۽گھري مطلب واري هوندي آهي ۽ سندس ڪلام ۾حڪمت ۽ نصيحت هوندي آهي. جنهن کي دل جي گھراين سان ٻڌڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ پٺيان ويهڻ سان ٻڌڻ وارو غير ذمه دار ۽ ڪجھ لاپرواه ٿي وڃي ٿو ۽ عالم جي محفل ۾لاپرواهي جو ورتاء سٺي ڳالھ نه آهي.

(5) وَلَا تغۡمِضۡ بِعَيۡنِکَ وَلَا تُشِرۡبِيَدِکَ

اکين ۽ ڀرُن سان ۽ هٿن سان اشارانه ڪر ڇوجو اها به هڪ قسم جي بي احترامي ۽ بي ادبي آهي ان لاءِ جو اکين ۽ هٿن جا اشارا ڪڏهن ڪڏهن وڏائي ۽ تڪبر خاطر ڪيا ويندا آهن ۽ تڪبر هٺ وڏائي عالم جي اڳيان نٿي جڳائي. عالم جي اڳيان نياز ۽ نوڙت سان پيش اچڻ ضروري آهي. ان لاءِ ته عالم هڪ چشمي ۽ نهر مثل آهي ۽ علم حاصل ڪرڻ وارو هڪ اڃايل جيان آهي. اڃايل تي فرض آهي ته پنهنجي اڃ اجھائڻ لاءِ عالم وٽ وڃي ۽ وڃڻ کان پوءِ جيئن اڃايل انسان نهر مان جھڪي پاڻي نه ڀريندو تيستائين سيراب ڪونه ٿي سگھندو يا چشمي مان پاڻي پيئڻ وارو جيسين جبل جي چوٽي تان لهي چشمي جي هيٺاهين هنڌ نه ايندو تيستائين پاڻي ملي نه سگھندس. عالم کان به فيض تڏهن حاصل ٿيندس جڏهن ان اڳيان نوڙت اختيار ڪندو.

(6)وَلا تُکۡثِر من القول قال فلان وقال فلان خلافًا لقولہ

پنهنجي ڳالهين ۾گھڻا هن هن جا قول ۽ نظر يا بيان نه ڪر جيڪي عالم جي بيان ٿيل  ڳالھ جي ابتڙ هجن. ڇو جو هڪ عالم جڏهن پنهنجي تحقيق کان پوءِ ڳالھ ڪري ٿو ته ان ڳالھ جو گھڻو امڪان آهي ته هيءُ اهي نظريا پڙهي چڪو آهي پوءِ ان نتيجي تي پهتو آهي جيڪو تنهنجي اڳيان بيان ڪري ٿو يا ممڪن آهي ته تنهنجو اهو بيان ڪرڻ ته فلاڻي جو هي قول آهي ۽ ٻيا ان جي شخصيت کان متاثر هجن ۽ اهو ٻڌڻ سان سمجھن ته هي عالم هن عالم جو مخالف آهي جڏهن ته هن جي ڳالھ ۽ هن جي ڳالھ ۾ڪلي ۽ جزئي جو فرق هجي يا هن جي ڳالھ ۽ هن جو قول ٻئي صحيح هجن پر هن عالم جو قول جي سندس حالات مطابق هجي هِن عالم جو قول هن جي حالات مطابق هجي ۽ اهڙي قسم جا ٻيا احتمال ٿي سگھن ٿا جنهن جي ڪري هن عالم جي ڳالھ هن عالم جي قول جي خلاف آهي.۽ان کان سواءِ ٻيا ڪي اهڙا سبب هجن جن جي ڪري هڪ عالم جوقول ٻئي عالم جي قول جي مخالف ٿي سگھي ٿو.