Get Adobe Flash player

قال الامام الباقر عليہ السلام ان هذه اللسان مفتاح کل خير وشر.فينبغي للمومن ان يختم علي لسانہ کما يختم علي ذهبہ وفضتہ

امام محمد باقر عليہ السلام جن فرمايو.بيشڪ هي زبان هر نيڪيءَ ۽ برائيءَ جي ڪنجي آهي.

مومن کي گھرجي ته زبان جي حفاظت ڪري .جيئن سون ۽ چاندي (پئسن) جي حفاظت ڪري ٿو.

                  هئَ حقيقت آهي ته انساني اعضاء و جوارح مان زبان هڪ اهم عضوآهي.اللہ سائين انسان کي هڪ اهڙو وسيلو عطا ڪيو آهي.جنهن سان هو پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنواري سگھي ٿو.زبان الله سائين جي ڏنل نعمتن مان هڪ عظيم نعمت آهي، جنهن جي ذريعي انسان پنهنجي باهمي تعلقات کي برقرار رکي ٿو، تمام معاملات ۽ ڏي وٺ کي زبان ذريعي انجام ڏئي ٿو.انسان هڪٻئي سان نفرت يا محبت جو اظهار به هن زبان ذريعي ڪري ٿو.هو خدا جو ذڪر ۽ ان جي نيڪ بندن کي به هن جي وسيلي سان ئي ياد ڪري ٿو.۽ان جي مقابلي ۾ برايون جهڙوڪ،غيبت،تهمت،تحقير تذليل، توهين،مذاق اڏائڻ وغيره هن سان انجام ڏئي ٿو.مطلب ته هن زبان وسيلي انسان برايون به ڪري ٿوته چڱايون به .

       روايت ۾زبان کي خير ۽ شر ٻنهي جي ڪنجي قرارڏنوويو آهي.ڇوجوزبان ذريعي دل ۾سانڍيل ڳالھ کلي ٿي پوي. پوءِ اها ڳالهه جيڪڏهن ڀلي آهي ته ان جو نتيجو خير ۽ نيڪيءَ ۾ظاهر ٿئي ٿو.پر جيڪڏهن بري آهي ته ان جو نتيجو برائي ۾ظاهر ٿئي ٿو.

اسان پنهنجي معاشري ۾ڏسون ٿا ته ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي هرڳالهه هر جاءِ تي نه ڪندا آهن پنهنجي راءِ کي ظاهر ڪرڻ کان پهرين سوچيندا آهن ته هن ڳالهه ڪرڻ سان فساد ته پيدا نه ٿيندو يا هن ڳالهه ڪرڻ سان ڪنهن جي دل آزاري ته نه ٿيندي مطلب ته پنهنجي زبان کي ڪنٽرول ۾رکن ٿا ۽ ڪيترن ئي گناهن کان محفوظ رهن ٿا.پر اڪثر ماڻهو معاشري ۾توهان کي اهڙا به نظر ايندا جن جي زبان ايتري ته آزاد هوندي آهي جو هو هر موضوع تي بنا تحقيق جي گفتگو ڪندا آهن. هر شخص تي کلم کلا تبصرو ڪندا آهن. انهئَ کان اصل نه ڊڄندا آهن ته متان ڪنهن جو لڪيل عيب ظاهر ٿي پوي. متان ڪنهن جي حيثيت داغدار ٿي پوي. متان ڪنهن جي غيبت ٿي وڃي متان ڪنهن تي تهمت لڳي وڃي. جڏهن ته ڪنهن جو راز فاش ڪرڻ ڪنهن جي توهين ڪرڻ يا ڪنهن جي غيبت ڪرڻ ۽ ڪنهن تي تهمت هڻڻ وڏا گناه آهن جن جي گهڻن ماڻهن کي خبر ئي نه آهي.

       زبان جي ذريعي سان انجام ٿيندڙگناهن مان هڪ وڏو ڀاڱو انهن گناهن جو آهي جيڪي حقوق العباد ۾شامل آهن جنهن جي معنيٰ اها آهي ته جيستائين اهو شخص معاف نه ٿو ڪري ايستائين معاف نه ٿا ٿين.

لهذا انسان کي گهرجي ته پنهنجي زبان جي استعمال ۾ احتياط ڪري ته جئين دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو رهي