Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 48 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

مهاڳ:

اسان شيعيان حيدر ڪرار جو عقيدو هي آهي ته الله هڪ آهي ۽ سندس ڪو شريڪ ناهي،الله سائينءَ جي موڪليل نبي بطور مشهور هڪ لک چوويهه هزار آهن .جن مان پنج وڏا نبي آهن جن کي اولى العزم پيغمبر چئبو آهي جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

1ـ حضرت نبي نوح عليه السلام

2ـ حضرت نبي ابراهيم عليه السلام

3ـ حضرت نبي موسى عليه السلام

4ـ حضرت نبي عيسى عليه السلام

5ـ حضرت خاتم النبين محمد صلى الله عليه وآله وسلم

اسان جي عقيدي مطابق حضرت محمد مصطفى ص سڀني نبين جا سردار ۽ آقا آهن ۽ اسان جي پياري نبي جا 12 نائب جيڪي شيعن جا ٻارهن امام مشهور آهن، انهيءَ ڪري اسان کي شيعه اثنا عشري (12 امامن جا پيروڪار) چيو وڃي ٿو .جئين خود رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن پنهنجي بيان ۾ به صراحت ۽ واضح الفاظن سان اهو ٻڌايو اهي ته منهنجا جانشين ۽ خليفا آهن مثلا حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته :

                         ابن عباس چئي ٿو مون رسول اڪرم ص کان پڇيو ته توهان کان پوءِ امام گهڻا ۽ ڪهڙا آهن؟ انهيء تي رسول اڪرم ص وراڻيو: ته جئين حضرت عيسى عليه السلام جي حوارين جو تعداد هيو ۽ جئين حضرت موسى عليه السلام جي نقيبن(ساباط) جو تعداد هيو ائين ئي مون کان بعد به ٻارهن امام آهن .انهن ۾ پهريون علي ابن ابي طالب عليه السلام انهيءَکانپوءِ منهنجا سبط حسن ۽ حسين عليهما السلام حسين (ع) جي وفات کان پوءِ انهيءَ جو پٽ علي ع ۽ علي (ع) جي وفات کان پوءِ انهيءَ جو پٽ محمد ع ۽انهيءَ کان پوءِ انهيءَ جو پٽ جعفرع ۽ انهيءَ کانپوءِانهيءَ جو پٽ موسى ع ۽انهيءَ کانپوءِ انهي جو پٽ علي ع ۽ انهي کانپوءِسندن جو پٽ محمد ع ۽ انهيءَ کانپوءِ انهيءَ جو پٽ علي عليه السلام۽ انهيءَ کانپوءِ سندن پٽ حسن عليه السلام۽ انهيءَ کانپوءِ انهي جو پٽ حجت عليه السلام   [i]

               هتي سڀ کان پهريان اهو بيان ڪرڻ لازمي آهي ته اسان جي عقيدي مطابق اصول دين پنج آهن جيڪي هن ترتيب سان آهن1_توحيد 2_عدل 3_نبوت 4_امامت 5_قيامت اسان ان هر هڪ  جي مختصر وضاحت ڪنداسين

 ۽ فروع دين ڏهه آهن انهن جي ترتيب به هن ريت آهي : 1ـ نماز 2ـ روزو 3ـ زڪوات 4ـ خمس 5ـ حج 6ـ جهاد 7ـ امر بالمعروف 8ـ نهي عن المنڪر 9ـ تولى 10ـ تبرى

هتي اسان سڀ کان پهريان اصول دين مان هر هڪ جي سمجهاڻي پيش ڪريون ٿا پوءِ اڳتي هلي فروع دين جي وضاحت ڪنداسين .

الله  تعالى تي ايمان.

خدا کي ڏسڻ کان سواءِ به خدا تي ايمان جو هڪ سادو دليل

          اسان ريل جي ڪنهن هڪ ڊٻي ۾ ويهي سفر ڪندا آهيون۽هي ڏسندا آهيون ته ته ريل پنهنجي منزل ۽ مقصد ڏانهن هلندي رهي ٿي ۽ڪڏهن هلندي هلندي ڪنهن اسٽيشن تي بيهي رهندي آهي ،پراڻن مسافرن کي لاهي نوان کڻي هلڻ شروع ڪندي آهي.جڏهن اسان ڊٻي کان جهاتي پائي ڏسندا آهيون ته اسان کي صرف ريل جي مشين گاڏن کي ڇڪندي نظر ايندي آهي ۽ انجڻ ۾ ويٺل ريل گاڏي جو ڊرائيور ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي .پوءِ به اسان کي يقين هوندو آهي ته هن گاڏي جي هلائڻ وارو ڪوئي ضرور آهي .

اهڙي طرح جڏهن هن هلندڙ ڪائنات کي ڏسندا آهيون ته يقين ٿي ويندو ته ضرور ڪو آهي جو سڄي دنيا کي هلائي رهيو آهي. ان اڻ ڏني خالق مالڪ ۽ پالڻهار تي ايمان آڻڻ تي انسان مجبور ٿيو وڃي ٿو ته اهو خدا ئي آهي جيڪو هيءُ سڄو ڪائنات جو نظام هلائي رهيو آهي.

اسان جي ڇهين امام حضرت امام جعفر صادق عليه السلامکان ڪنهن سوال پڇيو ته اسان خدا کي ته نه ڏٺو آهي؟ ۽توهان چوندا آهيو ته خدا کي ڪوبه ڏسي نه ٿو سگهي ته پوءِ ٻڌايو ته ڏسڻ کان سواءِ اسان کي ڪئين يقين ٿئي ته خدا آهي.

امام عليه السلام فرمايو ته ڪڏهن تو درياءَ جو سفر ڪيو آهي ؟ چيائين ته ها! پاڻ پڇيائون ته ڪڏهن ائين به ٿيو آهي ته تنهنجي ٻيڙي طوفان کان ڀڄي ٻڏڻ لڳي هجي .هن چيو ها ! ڪڏهن ائين به ٿيو آهي .

امام فرمايو:چڱو ٻڌاءِ ته جڏهن تو کي ٻيڙي جي ٻڏڻ ۽پنهنجي مرڻ جو يقين ٿيو؟  تڏهن به تنهنجي دل اهو چيو ٿي يا نه ؟ ته هاڻي به ڪوآهي جيڪو مون کي بچائي سگهي ٿو؟ هن چيو ها ضرور دل ائين چوي پئي .

امام عليه السلام فرمايو : ته هاڻي ٻڌاءِ اهو ڪير هو جنهن تي تو کي مڪمل مايوسيءَ کان پوءِ به ڀروسو هيو؟ ،ڇاتو هن کي ڏٺو هو؟ هن اعتراف ڪندي چيو :ڏٺم ته ڪونه پر دل ڪنهن اڻ ڏٺي سهاري جي آسري مطمئن ٿي.

امام عليه السلام فرمايو مايوسيءَ جي حالت ۾ دل کي جيڪا ذات ٽيڪ (سهارو) ڏيندي آهي اهو ئي خدا آهي . سچو مسلمان اهوئي آهي جو مشڪل ۾ ڪري پوڻ هوندي به مايوس نه ٿئي ۽ هميشه خدا جي رهمت جي اميد رکي.

 


 


 

[i] _ بحارالانوار جلد 36 صفحو 286 بنقل آموزش ڪلام اسلامي جلد2 صفحو182