Get Adobe Flash player

سوانح حيات مولانا عباس علي نجفي رح

حصو ٻيون

دانشگاه جعفريه جي سرپرستي جو آغاز

هونئن ته قبله عباس علي نجفي صاحب جن قبله مولانا غلام مهدي نجفي صاحب جن جي زندگي ۾ ئي پنهنجن اڻٿڪ ڪوششن سان مدرسي جي ڪچي ڪمرن واري هاسٽل ۽ استادن ۽ سينيئر شاگردن جي لاءِ گھر تعمير ڪرائڻ ۾ وسان نه گھٽايو هو پر 1987ع ۾ مولانا غلام مهدي جن جي وفات هڪ طرف ته پوري سنڌ واسي مومنين کي غم جي لهر ۾ لوڏي ڇڏيو هو وري ٻئي طرف هن عظيم درسگاه کي هلائڻ لاءِ هڪ مدبر مدير جي ضرورت هئي جنهن لاءِ سڀني مومنين ۽ مخير حضرات جون نظرون قبله عباس علي نجفي جي شخصيت تي کتل هيون ، قبله عباس علي نجفي جن به ڏينهن رات هڪ ڪري نه فقط مدرسي جي طلاب ۾ واڌارو آندو پر ان ڪچن ڪمرن ۽ گھرن تي جڙيل مدرسي جي عمارت کي آرسي سي سان ٺهيل پڪين عمارتن ۾ تبديل ڪري مومنين جي اميدن کي پورو ڪري ڇڏيائون ، 36 ڪمرن تي مشتمل طالبعلمن جي رهائش لاءِ ٻه هاسٽلون ، استادن جي رهائش لاءِ 7 عدد ڪوارٽر هڪ وسيع پيماني تي لنگرخانو ، جامع مسجد خضرا ،ٻه منزله ڪلاس روم ۽ تقريبا 20هزار ڪتابن تي مشتمل لائبريري جهڙيون عاليشان عمارتون ۽ انهن جي درميان پارڪن ۽ مختلف گلن جي گلزار هر اچڻ واري کي اچرج ۾ ٿي وجھي ڇڏيو ، 1987ع کان 1993 جي درميان واري مختصر عرصي جي دوران تقريبا هڪ ڪروڙ جي لاڳت جي برابر ايڏي ساري ڪمن جو پايه تڪميل تي پهچڻ حقيقت ۾ سندن خلوص ۽ اڻٿڪ محنتن جو نتيجو هو ،مدرسي جي تعميرات جي تڪميل کان پوءِ قبله عباس علي نجفي ” تڪميل تعميرات دانشگاه جعفريهجي عنوان سان هڪ عظيم الشان جلسو ڪرايو جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي برجسته علماء خطاب ڪيو ۽ آخر ۾ 40 چاليهن جي لڳ ڀڳ فارغ التحصيل طلاب کي” ممتاز الاافاضل “ جون سندون تقسيم ڪيون ويون . ياد رهي ته دانشگاه جعفريه جڏهن ڪچي صورتحال ۾ هو ته نجف اشرف مان تنهن وقت جي مرجع حضرت آيت الله العظمي ابوالقاسم خوئي رحمت الله عليه جن جي خاص شاگرد ۽ وڪيل آيت الله شيخ اسحاق فياض مدظله العالي (نجف اشرف ۾ موجوده چئن مراجع منجهان هڪ مرجع ) جو دانشگاه جعفريه اچڻ ٿيو ، سنڌ صوبي جي هڪ دور درازعلائقي ۾ جديد سهولتن کان بي نياز هڪ ديني مرڪز ۾اڍائي سئو(250) جي لڳ ڀڳ طالبعلمن جو زير تعليم هجڻ جي ڪري آيت الله اسحاق فياض قبله عباس علي نجفي جي خلوص مان تمام گھڻو متاثر ٿي آيت الله خوئي جي خدمت ۾وڃِي کين دانشگاه جعفريه جي صورتحال کان سٺي نموني آگاه ڪيائون جنهن کان پوءِ ڪراچي جي خواجه برادري جي جناب الطاف حسين ڀوجاني نالي هڪ مومن جيڪو آيت الله خوئي جي اجازت سان مومنين کان حقوق شرعيه وصول ڪندو هو سندن حڪم تي دانشگاه جعفريه جي تعميرات جو ڪم شروع ڪرايو.

دانشگاه جي تعمير۽حضرت امير المومنين عه جي خاص عنايت

جناب سيد فرمان علي رضوي کي ڏنل هڪ انٽرويو۾قبله عباس علي نجفي هن عظيم درسگاه کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام جي عنايت خاص جو تذڪرو هن ريت ٿا ڪن : ”نجف اشرف ( عراق ) مان جڏهن تعليم پوري ڪري آيس ته شروع ۾ ٽي سال کن مدرسه مشارع العلوم حيدرآباد ۾ مدرس جي حيثيت ۾ خدمتون انجام ڏنم . ان کان پوءِ ڳوٺ ( واگھريجي ) ۾ مولانا غلام مهدي نجفي مرحوم جن جي تعاون ۽ سرپرستي ۾ مدرسه جعفريه جو پروگرام شروع ڪيم ، ڪجھ عرصي کان پوءِ ” بلال ٽرسٽ ڪراچيوارن رابطو ڪيو ۽ سندن مالي معاونت سان پنج سال ” بلال تبليغي تربيت گاه “ جو پروگرام هلايوسين ، ان کان پوءِ اهو پروگرام به ڪن خوش فهمين جي پيش نظر اڳتي نه هلي سگھيو، وري مولا جي مهرباني سان حضرت آيت الله العظمي سيد ابو القاسم خوئي ( رح ) جن خاص عنايت فرمائي اجازو ڏنو ، اهو به هڪ عجيب اتفاق ٿيو ، نجف اشرف زيارتن تي ويس ، مولا علي عليه السلام جي روضي ۾ دعا گھريم ته مولا اگر هي ڪم ( مدرسي جو ) ڀلو آهي ته منهنجي مدد فرمايو ۽ اگر اوهان راضي نه آهيو ته مون کان ٻي ڪا خدمت وٺو ، اتي روضي ۾ ئي آيت الله خوئي جن جي وڪيل جناب آقا اسحاق فياض جن سان ملاقات ٿي انهن دعوت ڏني ته آقاي خوئي سان ملاقات ڪريان ، سندن اصرار تي ملاقات نصيب ٿي ۽ مدرسي لاءِ اجازو مليو ، ان کان پوءِ اسان باقاعدگئ سان مدرسي جا حسابات آقاي خوئي جن کي موڪليندا رهندا هئاسين ، ان دوران جناب الطاف حسين ڀوجاني سان قدرتي طور رابطو ٿيو ، ان اجازي جي بنياد تي موصوف ان شرط سان سڀئي اخراجات ڀرڻ لاءِ تيار ٿيو ته مدرسي جا حسابات به سندن حوالي ڪيا وڃن ، مون اها ڳالھ قبول ڪئي ۽ جناب اقبال نوراني صاحب جن احسن نموني سان حسابات جي آڊت ڪندا رهيا آهن ، ٻيهر جڏهن نجف اشرف وڃڻ ٿيو ته آقائي محترم( رح ) جن سنڌ جي مومنين ڏانهن هڪ ليٽر لکيو ۽ مدرسه جعفريه کي جديد طرز تي ٺاهڻ جو حڪم فرمايو ، ان خط جي بنياد تي هاڻوڪي سموري بلڊنگ منهنجي مشوري سان الطاف حسين ڀوجاني صاحب ٺهرائي تيار ڪرائي آهي .

پيش ايندڙڏکن ڏاکڙن جوذڪرسندن زباني

ساڳئي انٽرويو ۾ هن ديني ڪم کي هلائڻ ۾ قبله عباس علي نجفي ( رح ) پيش ايندڙ مشڪلن ۽ ڏکن ڏاکڙن جو داستان هن ريت بيان ٿا ڪن : ” مدرسه جعفريه جي پهرين ( ڪچي ) عمارت اسان پنهنجي هٿن سان تغاريون کڻي تيار ڪئي بلڪه ان وقت مدرسي ۾ داخل ٿيل شاگرد به مون سان گڏ ڪم ڪندا هئا ، مون کي اهو وقت به ياد آهي جڏهن اسان مدرسي جي ڇت لاءِ کپ کڻڻ وياسين ته ان وقت مون سان گڏ مدرسي جي چاليھ ( 40 ) شاگردن جي مٿي تي کپ جون ڀريون هيون ، مالي مشڪلات ۾ ڪافي صدما ڏٺا اٿم ، هڪ ڀيري پئسا کٽي پيا شاگردن جو حساب ڪري سرمائيدارن ڏانهن وڃڻ جو سوچيم ۽ جڏهن پهرئين ئي سرمائيدارهڪ اهڙو جواب ڏنو جو ان وٽان ٻاهر نڪري روئي خدا جي بارگاه ۾ عرض ڪيم ته مولا آئون ڇوڪرن کي پڙهايان يا انهن لاءِ پنان ؟ ٻئي ڏينهن هڪ مرد مومن مرحوم غلام علي خان ٽالپر آف ميرواه گورچاڻي مون سان ملاقات ڪئي ۽ چيائين ته اوهان جي مدرسي جو خرچ ڪيترو آهي ؟ مون کيس جواب ۾ پنڌرنهن هزار ( 15000) رپيه في مهينو ٻڌايو مرحوم پنهنجي پٽ مير انور علي خان ٽالپر کي سڏي چيو ته هر مهيني جي آخري تاريخ تي پنڌرنهن هزار (15000) رپيه مولانا صاحب جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندا ڪريو ۽ مون کي چيائين ته اوهان وڃي پڙهايو هي ڪم اسان پاڻ ڪنداسين اهو سلسلو ٽي سال لڳاتار جاري رهيو.

هڪ دفعي مشڪلات ۾ مبتلا ٿيس ، خصوصا سادات جي سلسلي ۾ مون شاگردن کي گڏ ڪري چيو وڃو مسجد ۾ وڃي ٻه رڪعتون نماز پڙهي خدا کان رزق جي باري ۾ دعا گھرو الحمد لله ان عمل کان پوءِ رزق جون راهون کليون
هڪ دفعي مالي پريشاني ٿي پنهنجي هڪ دوست ( مرحوم فدا حسين ڀنڀرو ) کي گھرايم انهي جي جيپ تي چڙهي اهو پروگرام ٺاهيم ته زميندارن وٽ وڃان ، اڃا وڃي رهيا هئاسين ته سامهون مولانا غلام مهدي نجفي مرحوم جن مليا پڇيائون ته ابا ڪيڏانهن ٿا وڃو ، مون ڳالھ ڪري ٻڌائي پاڻ فرمايائون ته اچ ته آئون به ڪجھ ٻڌايان ، سامهون وڃي ويٺس پڇيائون ته خدا آهي يا نه ؟ مون وراڻيو ته خدا برحق موجود آهي ، وري پڇيائون ته اهو تنهنجي هن عمل کي ڏسي پيو ؟ مون چيو ها سائين ڏسي پيو ، وري پڇيائون ته تنهنجي نيت نيڪ آهي يانه ؟ مون جواب ڏنو ته مدرسي جي باري ۾ آئون بلڪل نيڪ نيت آهيان ، ان تي جواب ڏنائون ته پوءِ هلاڪ ئي نه ٿي ، جنهن خدا شاگرد موڪليا آهن اهو انهن جو رزق به موڪليندو ، ٿيو به ائين انهئ شام جو خدا جي ڪنهن ٻانهي شاگردن جي لاءِ چڱي ڀلي رقم موڪلي ڏني جڏهن به ڪا مالي پريشاني ٿيندي آهي ته رات جو اڌ رات کان پوءِ اٿي پنهنجي گھر جي آڱڻ ۾ بيهي محمد وآل محمد جو واسطو ڏيئي دعا گھرندو آهيان ته مشڪل حل ٿي ويندي آهي

ياد رهي ته قبله عباس علي نجفي جن جي خلوص ۽ مومنين ۽ مخيرين حضرات جي اعتماد جي ڪري آيت الله ابو القاسم خوئي کين پنهنجو وڪيل مطلق قرار ڏئي ڇڏيوهو، آيت الله خوئي جن جي وفات کان پوءِ آيت الله العظمي سيستاني مدظله العالي به کين سندن وڪيل ٺاهيو هو، قبله عباس علي نجفي جن جي وفات کان پوءِ اها وڪالت دانشگاه جعفريه جي موجوده سرپرست ، سندن سوٽ ۽ قبله مولانا غلام مهدي ( رح ) جن جي وڏي فرزند قبله مولانا محمد محسن مهدوي جن وٽ منتقل ٿي ، جيڪي هن وقت به آيت الله سيستاني جا وڪيل مطلق آهن .

سخت آزمائش جو مرحلو

دانشگاه جعفريه جي تعمير دوران ڪچن ڪمرن جي ڀڃ ڊاھ ۽ هاسٽلن جي تعمير مڪمل ٿيڻ تائين طلباءِ لاءِ رهائش جي لاءِ قبله مولانا عباس علي نجفي (رح) جن واگھريجي ڳوٺ جي جامع مسجد جي اڳيان ٽي(3)ڪمرا تعمير ڪرايا جن جي تعمير مڪمل ٿي ته انهن لاءِ بجلي جو سامان ۽ پکا وٺڻ لاءِ حيدرآباد ويا ته واپسي ۾ ( حيدرآباد ٽنڊو الهيار روڊ تي واقع )کيسانا موري کان حڪومت وقت کي گھربل ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي پنهنجي هڪ ساٿي جي رهائي جي لاءِ اغوا ڪري ورتو. تلاش ۽ ڌاڙيِلن سان رابطي جي فورا ڪوشش ڪئي وئي پر مختلف مومن ساڻن عقيدت ۽ محبت جي ڪري پاڻ مرادورابطا ڪري رهيا هئا جن سان ڌاڙيلن تي سندن اهميت واضح ٿي رهي هئي ، ٻئي طرف اخبارن ۾ مختلف مومنين طرفان ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري ڦاسي ڏيڻ واريون خبرون ويتر معاملي کي منجھائي رهيون هيون ، نيٺ آءِ جي سنڌ سيد سعادت علي شاه صاحب جي معقول رويي ۽سيد امير حيدر شاه آف سن ۽ سيد مظهر علي شاه عرف نازڻ سائين آف ڀٽ شاھ جن جي انتهائي ڪوششن سان کين سورنهن (16)ڏينهن کان پوءِ رها ڪيو ويو.