Get Adobe Flash player

امام علي عليه السلام جن فرمائن ٿا : اوّلُ الديانة  معرفته وکمال المعرفة توحيده[1]
tohidيعني دين جي ابتدا الله تعالى جي معرفت آهي ۽ معرفت جو ڪمال ان جي توحيد آهي. امام صادق ع  ان سوال جي جواب ۾ ته سڀني عملن مان بهترين عمل ڪهڙو آهي ؟ فرمايو: الله سائينءَ جي وحدانيت تي يقين پيدا ڪر اهو تنهجو سڀني کان بهترين عمل آهي.

 

توحيد اهل بيت عليهم السلام جي نگاهه ۾

مولا علي عليه السلام جن فرمايو : (( واحد لابعدد ودائم لاباَمَد))[2] الله سائين اڪيلو آهي  نه اهو هڪ جيڪو ڳڻپ ۾ اسان[3] ڳڻيندا آهيون ۽ الله هميشه آهي نه زماني وارو هميشه . لا يشملُ بحد ولا يُحتسبُ  الله سائين کي نه ڪنهن حد سان شباهت ڏئي سگهجي ٿي ،نه ان کي ڳڻي سگهجي ٿو .

 

امام سجاد عليه السلام کان سوال ٿيو ته مولا توحيد ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائون:انّ الله عزّ وجلَّ علمَ انه يکون في آخرالزّمانِ اقوام متعمّقون فاَنزل الله تعالى قل هوَ الله احد والآيات من سورالحديد الى قوله تعالى(( وهو عليم بذات الصدور))[4] فمن رام وراءَ ذلک فقد هلک .

يعني الله سائين ڄاڻي پيو ته آخري زماني ۾ هڪ اهڙي قوم پيدا ٿيندي جيڪا گهڻي فڪر ڪرڻ واري هوندي  تنهنڪري الله سائين قل هو الله احد ۽ سوره حديد جون شروع واريون آيتون (وهو عليم بذات الصدور تائين) نازل ڪيون  ان کان بعد مولا فرمايو جيڪو به ان ڏسيل حد کان ٽپندو اهو هلاڪ ٿي ويندو

امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا : هو تبارک وتعالى واحد لا منجزّي ولا يقعُ عليه العَدّ))[5] الله سائين جو نه تجزيو ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان جو شمار

توحيد کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترائي دليل ڏنا ويا آهن جن مان ڪجهه هتي ذڪر ڪيون ٿا

1_ دليل تمانع و تناقض [6]

(تمانع : يعني ڪنهن شيءِ جو ..........زمان مڪان جي اعتبار سان هڪ ئي وقت گڏ هجڻ محال آهي مثال طور جيئن هڪ ئي شخص هڪ ئي وقت ۾ بهادر به هجي ۽ ڊڄڻو (بزدل) به

تناقص: ان جي معنى آهي هڪ ٻئي جو ضد هجڻ آهي،مثلا هي چيو وڃي ته هينئر رات آهي ۽ پوءِ ان رات جو انڪار ڪيو ويو هجي ۽چئجي ته نه رات ناهي

        توحيد کي ثابت ڪرڻ جي سلسلي ۾ علم ڪلام جي ماهرين جن دليلن تي ڀروسو ڪيو آهي انهن مان هڪ دليل اهو آهي ته جيڪڏهن خدا گهڻا هجن ها ته انهن مان هرهڪ جو  مڪمل طور تي قادر هجڻ ضروري آهي ڇو ته هيءُ ناممڪن آهي جو ڪابه هستي هڪ ئي وقت ۾مڪمل قوت به رکندي هجي ۽ ڪمزور به هجي يعني  ڪامل هوندي  ناقص  به هجي قادر هجڻ جي معنى ئي اها اهي ته اها هستي قدرت جي تقاضا موجب ممڪنات ۽ مخلوقات ۾ هر طرح جو تصرف ڪرڻ جي اهل هجي ۽ ڪنهن ٻئي کي اختيار نه هجي ته هن جي مرضيءَ خلاف ڪجهه ڪري سگهي .ٻين لفظن ۾ اها ذات نظام ڪائنات ۽ عالم موجودات جي هر مرحلي ۾ خود مختيار هجي ۽ ٻيا ان جي سامهون محتاج، ناقص، مجبور ۽ بي وس هجن اها ذات بي نياز هجي ٻيا ان جا محتاج هجن ڇو ته جيڪڏهن خدا ٻه هجن ۽ انهن ۾ ڪنهن ڪم ۾ اختلاف ٿئي ۽ ٻنهي ۾ ڪنهن جي خواهش به پوري نه ٿئي ته  ٻنهين جو عجز (هيڻائپ) ظاهرٿيندو جڏهن ته  پروردگار جيڪوخالق ۽ واجب الوجود جي باري ۾ قادر مطلق هجڻ سان گڏوگڏ عاجز هجڻ جو تصور تناقض آهي ان جي ابتڙ جيڪڏهن انهن مان هڪ جي خواهش پوري ٿئي ۽ ٻئي جي نه ٿئي ته ان مان هڪ جو عاجز هجڻ ثابت ٿئي ٿو ۽ اهو به تناقض آهي ڇو ته پهريان ٻنهي کي قادر مطلق تسليم ڪيو ويو آهي .

                  ٽئين صورت اها آهي  ته ٻنهي جو ارادو  مڪمل هجي ۽ خلقت ٻنهي جي ارادي جي مطابق وجود ۾ ايندي هجي اهو پڻ ڪافي ڇو ته ٻنهي نقيضن جو هڪ ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي  ڀلا هي ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو هڪ شيءِ جا ڪيترائي وجود هجن هڪ ئي وقت ۾ هڪ فاعل ۽ خالق جي ارادي سان هڪ ممڪن جي وجود جو امڪان ته آهي  ليڪن هي ڳالهه محال ۽ بي معنى آهي ته هڪ ئي شي ءِ جو خالق قادر مطلق ٻه هستيون هجن ۽ ٻئي ان جي تخليق جو اردو هڪ ئي وقت ڪن ۽ ان جي ارادي ۾ وار برابر به فرق نه هجي  ۽ جيڪڏهن ڪنهن ممڪن جي خلقت ڪرڻ صرف هڪ ئي ارادي سان هجي  ۽ تخليق جي وقت ٻئي جي ارادي کي ڪو دخل نه هجي ته ٻيو ان جو فاعل ۽ خالق ڪيئن هوندو .

حقيقيت هي آهي ته  جڏهن ٻه قادر مطلق ۽ واجب الوجود هستيون ڪارفرما هجن ته ان جي ارادن ۾ لازمي طور تي اختلاف هوندو جنهن جو نتيجو بالا دستي جي لاءِ ٽڪراءُ ۽ فساد جي صورت ۾ نڪرندو ، ٻنهي مان هر هڪ پنهنجي ارادي کي نافذالعمل  ڪرڻ ۽ ٻئي جي ارادي کي  بي اثر بڻائڻ چاهيندو ۽ جيئن ته واجب الجود جي رادي کان بغير ڪابه شيءِ وجود ۾ اچي ئي نٿي سگهي ان لاءِ انهن ٻنهي جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي بنياد تي موجودات جو مفهوم ئي باطل ٿي رهجي ويندو جيئن قرآن مجيد جي ڪيترن ئي آيتن ۾ ان نڪتي ڏانهن اشارو ٿيو آهي ته جيڪڏهن زمين ۽ آسمان تي ڪيترائي خدا هجن ها ته ٻئي تباهه ٿي وڃن ها ، ان جي ابتڙ ڏسون ٿا ته هن ڪائنات ۾ نظم ۽ ضبط بدرجه اتم موجود آهي ۽ ان ڳالهه جي دليل آهي خداوند عالم وحده لاشريڪ له آهي .

 

2 _نفي ترڪيب

دنيا ۾ موجود شيون ٽن قسمن تي مشتمل آهي :

1 _ واجب الوجود : يعني اها ذات جيڪا پنهنجي وجود ۽ بقا لاءِ پنهنجي غير کان بي نياز ۽ ڪمال مطلق هجي ۽ اها ذات خداوند عزّوجل جي آهي.

2_ ممڪن الوجود : يعني اها ذات جيڪا پنهنجي وجود ۽ بقا لاءِ ٻئي جي محتاج هجي جيئن انسان جو وجود الله سائين جو محتاج آهي

3 _ ممتنع الوجود : يعني اها ذات جنهن وجود ۾ اچڻ  ممڪن ناهي .

فرض ڪريو جيڪڏهن گهڻا خدا مڃيا وڃن ته واجب الوجود به گهڻا هوندا ۽ پوءِ انهن ۾ امتياز پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي وچ۾ حيثيت مقرر ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهڙي صفت جو تسليم ڪرڻ به لازم ايندو جيڪا انهن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري ۽ تمييز ڏئي ڇو جو ٻي صورت ۾ گهڻائيءَ جو ڪو مطلب نه رهندو ۽ انهن گهڻن خدائن کي امتياز ۽ الڳ ڪرڻ وارو جيڪڏهن ان جي اصل وجود کان جدا هوندو ته (( واجب الوجود )) مرڪب ٿي ويندو ،جڏهن ته چڱييءَ ريت ڄاڻون ٿا ته هر مرڪب پنهنجي اجزاء جو محتاج اهي ۽ هر محتاج ممڪن الوجود ٿيندو آهي نه واجب الوجود ،وڌيڪ اهو ته خود محتاج هجڻ نقص ۽ عيب آهي ۽ اهو واجب الوجود جي ذات کان پري آهي ڇو ته واجب الوجود غير کان بي نياز ۽ ڪمال مطلق جو مالڪ هوندو آهي .

      بس گهڻن خدائن جو مڃڻ ((امڪان )) ۾ آهي ۽ امڪان کان مراد آهي ذات جو حال ۾ هجڻ ۽ مستقبل ۾ نه هجڻ جيئن ته خداوند عالم ۾ نقص ۽ حاجت جوهجڻ محال آهي ان جي ڪري واجب الوجود جي تعداد جو اعتراف تناقض جي اقرار جي مترادف (برابر) آهي جيڪو محال آهي جيئن ته اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته ممڪن الووجود جي ابتڙ واجب الوجود غير کان بي نياز ۽ ناقص ۽ حاجت  کان علاوه ٻي شيءِ آهي ۽ اها ذات خداوند عالم جي آهي جو وحده لاشريک آهي .

توحيد جا مرتبا

        سڀني آسماني مذهبن جي بنياد توحيد ۽ هڪ خدا جي عبادت آهي ۽ انهن جي وچ ۾ مشترڪ اصول خدا جي هيڪڙائپ تي عقيدو رکڻ آهي پر تنهن هوندي به انهن مشترڪه اصولن ۾ به ڪجهه انحراف پاتا ٿا وڃن جن جي بيان ڪرڻ جي هي جڳهه نه آهي ،توحيد  جا ڪيترائي مرتبا آهن ،اسان قرآن ۽ احاديث جي روشني ءَ ۾ توحيد جي ڪجهه درجن کي  هتي بيان ڪيون ٿا.

1 _توحيد ذاتي

توحيد ذاتي جون علماء ٻه تفسيرون ڪيون آهن

الف : خدا جي ذات هڪ آهي،سندن ڪوبه مٽ ناهي ۽ ئي سندن ڪو شريڪ آهي

ب : الله سائين جي ذات بسيط آهي يعني ان جي ذات ترڪيب کان پاڪ آهي .

امام علي ع انهن ٻن معنائن کي بيان ڪندي فرمائن ٿا ته :

1 _هو واحد ليس له في الاشياءِ (يعني اهو اڪيلو آهي ۽ موجودات ۾ ان جهڙو ڪو به نه آهي )

2_ وانه عزّوجلّ ليس له  احديّ المعنى لا ينقسم في وجود ولا وهم ولا عقل [7]

يعني بيشڪ ڪو خداي متعال سان معنى ۾ به ڪو هڪ ناهي،هن ۾ ڪابه وجودي ،وهمي۽عقلي تقسيم ناهي

ان سان گڏوگڏ سوره توحيد ۾ انهن ٻنهي مرحلن ڏانهن اشارو ٿيو آهي

1_ قل هو الله احد ( اي رسول ص چئي ڏئي ته الله هڪ آهي )  [8]

2_ ولم يکن له کفوا احد  ( يعني ان جو ڪو به ڪفو  ناهي )  [9]

ان ذڪر ٿيل بيان مان واضح ٿيو ته اسلامي نقطه نظر مطابق مسيحيت ۾ جيڪو تثليث ( پيءُ پٽ ۽ روح القدس) جو عقيدو  آهي باطل آهي ۽ قرآن مجيد ۾ ان عقيدي جي صحيح نه هجڻ تي ڪيتريون ئي آيتون  موجود آهن. ۽ اسلامي عقيدن تي مشتمل ڪتابن ۾ تفصيل سان انهن عقيدن جي باطل هجڻ کي بيان ڪيو ويو آهي. اسان هتي صرف اشارو ڪندا هلون ٿا

                تثليث يعني ٽن خدائن جو عقيدو  اهو ٻه حالتن کان خالي نه آهي . يا ته اهي ٽئي خدا مستقل ۽ الڳ الڳ سخصيتن جا مالڪ آهن يعني هر هڪ خدا ۾ الله واريون سڀ صفتون آهن ان صورت ۾ توحيد ذاتي ( يعني ان جهڙو ڪو به نه آهي ) سان تضاد پيدا ٿيندو يعني اهو نظريو ان جو ضد ٿي ويندو

               ٻي صور ت اها آهي ته اهي ٽئي ملي ڪري هڪ شخصيت جا مالڪ ٿين ٿا ۽ انهن ٽن مان هر هڪ ان شخصيت جو جزء آهي . جيڪڏهن ان صورت کي مڃيون ته اسان الله سائين جي بسيط (مرڪب نه هجڻ) هجڻ جا انڪاري ٿي وينداسين ۽ چونداسين ته الله نعوذ بالله مرڪب آهي  اهڙي طرح ان ٻئي معنى جو توحيد ذاتي جي ٻئي مفهوم يعني بسيط هجڻ  سان تضاد ٿي پوندو .[10]

2 _تو حيد صفاتي (صفات ۾ توحيد)

    توحيد جو ٻيو قسم مرتبوا لله سائينءَ جي صفات ۾ توحيد آهي  يعني اسان الله سائين کي سڀني ڪمال وارين صفتن جو مالڪ سمجهندا آهيون يعني جيڪي به ڪمال واريون صفتون آهن اهي الله سائين ۾ آهن ۽ ان ڳالهه تي عقل به دلالت ڪري ٿو ته وحي به .

      ان جي ڪري الله سائين عالم،قادر،حيُّ ،سميع ،بصير، وغيرهالله سائين جي ذات پاڪ بسيط هجڻ سان گڏوگڏ انهن سڀني ڪمالن جي مالڪ آهي ائين بلڪل ئي ناهي جو الله جو هڪ حصو علم آهي ٻيو قدرت ٽيون حيات نه نه بلڪه اهي سڀ صفتون پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ضد هجڻ جي باوجود هڪ آهن.۽ائين سندس ذات ۽ صفات هڪ آهي.

           محققين چون ٿا بل هو علم وقدرة کله وحياة کله[11]  يعني الله سائين جي ذات علم جي ڪمال قدرت جي ڪمال ۽ حيات جي ڪمال جي مالڪ آهي .

           توحيد صفاتي اهو آهي الله تعالى جون صفتن عين ذات آهن يعني انهن ٻنهي جي وچ۾ ڪو فرق نه آهي اهي ماڻهو جيڪي چون ٿا اهي الله سائين جون صفتون ان جي ذات کان علاوه ۽ زائد آهن، اهي حقيقت ۾ الله سائينءَ کي  انسان سان شباهت ڏين ٿا ۽ قياس ڪن ٿا جڏهن  اهي ڏسن ٿا  ته انسان جون صفتون ان ذات کان علاوه ۽ ان تي زائد آهن ان تصور کي کڻي الله جي لاءِ به ساڳيو ئي حڪم لڳائن ٿا  جڏهن ته انهن کي اها خبر ئي ڪونهي جو حقيقيت ۾ اهي الله کي  ان ڳالهه ۾ پاڻ جهڙو ڪيون پيا وڃن

            امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا : لم يزل الله جلّ وعزّ ربنا والعلم ذاته ولما معلوم  والسمع ذاته ولا مسموع ،والبصر ذاته ولا مبصر ، والقدرته ذاته ولا مقدور [12]

    الله سائين ازل کان ئي اسان جو پالڻهار هيو ۽ ان کان پهريان جو معلوم ، مسموع ، مقدور وجود ۾ اچن علم،سماعت ، بصارت ۽ قدرت  ان جي  ذات ۾ هئا

 

3 _ خالقيت  ۾ توحيد آهي

        يعني الله سائين کان سواءِ ڪنهن ٻئي خالق جو وجود ناهي ، ۽ جيڪا به شي وجود ۾ اچي ٿي اها ان جي مخلوق آهي ۽ الله ان جي خالق (پيدا ڪرڻ وار) آهي.  قرآن مجيد توحيد جي ان قسم کي بيان ڪندي فرمائي ٿو : ( قل اللهم خلق کل شي وهو الوحد القهار)[13] چئي ڏي الله ئي هرشيءِ جو خالق اهي اهو ئي اڪيلو سڀني کان ڏاڍو آهي،هڪ ٻئي جاءِ تي آهي ته ( ذلکم الله ربکم خلق کل شي  لا اله الا هوَ) [14]

اهو ئي توهان جو پالڻهار آهي جيڪو هرشيءِ کي پيدا ڪرڻ وارو آهي ۽ ان کان سواءِ ڪو ٻيو خدا نه آهي.

           قرآن ڪريم کان سواءِ عقل به الله سائينءَ جي خالقيت ۾ هيڪڙائپ جي گواهي ڏئي ٿو ڇو جو اسان پهريان به بيان ڪيوسين ته الله کانسواءِ ٻئي جيڪا مخلوق آهي اها ممڪن ۽ پنهنجي وجود ۽بقا ۾ محتاج آهي ۽ فطري اصولن جي مطابق اها محتاجي فقط الله سائين ئي  پوري ڪري ٿو ۽ هر مخلوق کي وجود ۽ بقا بخشي ٿو.

4_توحيد ربوبي

            توحيد ربوبي جو مطلب اهو آهي ته ڪائنات جو سڄو نظام الله سائين اڪيلو هلائي رهيو آهي، ائين ناهي جو اهو نظام  هلائڻ  ۾  ڪو سندس هٿ ونڊائيندڙ شريڪ آهي

سمورن انبيائن عليهم السلام جي تاريخ شاهد آهي ته انهن جي امتن ۾ توحيد  خالقيت ۾ ڪو به جهيڙو نه هئو سڀ مڃن پيا ته اسان جو خلقڻهار الله سائين ئي اهي،ليڪن جهيڙو فقط ان ۾ هيو جيڪو الله خلقڻهار آه ،پالڻهار به آهي يا نه يعني توحيد ربوبي ۾ اختلاف هئو،ءٌ ڪافر ٻين کي الله جي ربوبيت ۾ شريڪ ڪندا هئا

          جيئن حضرت ابراهيم ع جي دور ۾ مشرڪ هڪ خدا تي عقيدو رکن پيا پر غلطي سان اهو تصور ڪندا هئا ته سج ،چنڊ  ڪائنات کي هلائي رهيا آهن حضرت ابراهيم عليه السلام انهن سان مناظرا ڪيا ۽ انهن کي مختلف طريقن سان توحيد ربوبي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

اهڙي طرح حضرت ابراهيم ع کان پوءِ حضرت يوسف ع جي زماني ۾ ماڻهو چوندا هئا ته الله سائين هڪ دفعو هن دنيا ۽ ان ۾ موجود شين کي پيدا ڪيو ۽ بس  جڏهن ته هاڻي هن ڪائنات کي هلائڻ وارا ٻيا آهن مثلا سوره يوسف جي هيءَ آيت ڏسو

( أ اَرباب متفرّقون خير ام الله الواحد القهار ) [15] ترجمو:ڀلا اسان کي اهو ته ٻڌاءِ ته گهڻا الله ڀلا يا هڪ جيڪو قهار آهي

    اهڙي طرح قرآن مجيد جي هن آيت مان خبر پئي ٿي ته رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جي زماني جا مشرڪ پنهنجي قسمت ۽ تقدير جو هڪ حصو پنهنجن خدائن جي هٿ ۾ سمجهندا هئا ( واتخذوا من دون الله ءَ الهة ليکونوا لهم عزا ) [16]۽ الله سائين کي ڇڏي ڪري ٻين خدائن  کي اختيار ڪن ٿا ته جيئن اهي هنن جي لاءِ عزت جو سبب ٿين .

حوالا



  1. بحار النوار ج 4 ص 284 ح 17 
  2. نهج البلاغه خطبو 85[2]
  3.    تفسير نور الثقلين ج 5 ص 706 ،ح 46[4]
  4.  تفسير نور الثقلين ج5  ص 67 [5]
  5.  تفسري موضوعي جودي آملي ج 2 ص 74، [6]
  6.  توحيد صدوق ص 84، باب 3 حديث 3[7]
  7.  سوره توحيد 4[8]
  8. ق سوره توحيد
  9.  عقائد اماميه جعفر سبحاني ص 91[10]
  10.  صدر المتاهلين ، اسفار اربعه ج6 ص 135[11]
  11.  وحيد صدوق ص 139 ،باب 11 حديث 1[12]
  12.  سوره رعد 16[13]
  13.  قرآن ڪريم سوره غافر 62[14]
  14.  قرآن ڪريم سوره يوسف 39[15]
  15.  قرآن ڪريم سوره مريم آيت نمبر 81[16]