Get Adobe Flash player

مولانا عباس علي نجفي رح  جي سوانح حيات

m-abbasali

ولادت ، ننڍپڻ ، تعليم ۽ تربيت

        سندن ولادت 1944ع ڌاري ضلع ميرپور خاص جي هڪ ڳوٺ واگھريجي ۾ ٿي، سندن والد گرامي مرحوم حاجي حسن علي لغاري هڪ نيڪ صفت انسان سنڌ جي سٻاجھڙي سرزمين جي عالم ، عارف ۽ پارسا شخصيت قبله مولانا غلام مهدي نجفي ( رح ) جو وڏو ڀاء هو ٻني ٻاري تي گذر سفر هئڻ جي باوجود به موقعو ملندي پاڪن جي چوکٽ چمڻ لاءِ ايران ۽ عراق جي سرزمين ڏانهن راهي ٿيندو هو. اهل بيت عليهم السلام سان هن مرد مومن جو اندازو ان ڳالھ مان چڱي طرح سان لڳائي سگهجي ٿو ته زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ سندس حافظو بلڪل ختم ٿي چڪو هو،۽ ايسيتائين جو ڪو به لفظ ادا نه ڪري سگھندو هو پر ان جي باوجود ” محمد و آل محمد “ جا هي ٽي با برڪت ڪلما هر وقت سندس زبان تي جاري هوندا هئا ، ان جي ڪري جيڪا شئ گھرندو هو ته ” محمد ُ آل محمد “ زبان تي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به سوال جو جواب ڏيندو هو ته به اهي پاڪ ڪلما زبان تي جاري هوندا هيا ايسيتائين جو ها ۽ نه جو جواب به انهن برڪت ڀرين ڪلمن سان ڏيندو هو ، شايد اهل بيت اطهارعليهم السلام جي خاندان سان بيحد عقيدت جي ڪري خدا وند متعال انهن ئي لڄپال هستين جي صدقي کيس قبله عباس علي نجفي جهڙو سپوٽ فرزند عطا ڪيو.

           قبله عباس علي نجفي (رح) جن ابتدائي تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول واگھريجي مان حاصل ڪيائون ديني تعليم سان گھڻِي دلچسپي جي ڪري ابتدائي عربي گرامر مولانا غلام مهدي نجفي صاحب جن وٽ پڙهي 1958ع ۾ مدرسه مشارع العلوم حيدرآباد ۾ داخل ٿيا جتي مولانا سيد ثمر حسن زيدي صاحب جي زير نگراني ۾ تعليم ۽ تربيت جا مرحله طي ڪري مدرسي جو ڪورس امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائون

 

 

نجف اشرف جون تياريون ۽ استاد جو احترام

قبله عباس علي نجفي (رح)جن جي ڪاميابي جو سبب جتي سندن ڏينهن رات محنت ، هدف سان سچائي ۽ حضرت امير المومنين سان خاص توسل هيو ته اتي وري استادن جو فرمانبردار رهڻ به سندن ڪاميابئ جو اهم سبب ليکيو وڃِي ٿو ، جڏهن قبله عباس علي نجفي (رح) مدرسه مشارع العلوم مان فارغ التحصيل ٿي نجف اشرف جي تياري مڪمل ڪري روانا ٿيڻ وارا هئا ته ان وقت سندن ڳوٺاڻا ان دور۾ استعمال ٿيندڙ سڪن سان جڙيل هار پارائي الوداع ڪرڻ لاءِحيدرآباد تائين گڏجي ويا ته سندن استاد محترم قبله مولانا سيد ثمر حسن زيدي (رح) جن قبله عباس علي نجفي (رح) جن کي ڇھ مهينا نجف اشرف وڃڻ کان روڪي ڇڏيائون استاد جي حڪم جي تعميل ڪندي پاڻ نجف اشرف جو پروگرام ڇهن مهينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيائون ، ڇھ مهينا گذرڻ کان پوءِ جنوري 1962ع ۾ نجف اشرف روانا ٿيا جتي حوزه علميه نجف اشرف جي مشهور ۽ معروف علماء جهڙوڪ حضرت آيت الله العظمي ابو القاسم خوئي (رح ) ، حضرت آيت الله شهيد سيد محمد باقر صدر ۽ ٻين مايه ناز استادن کان ڪسب فيض ڪندا رهيا جمهوري اسلامي ايران جي انقلاب جي باني حضرت امام خميني (رح) جي سياسي درسن ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪيائون، تنهن کان علاوه ان وقت نجف اشرف ۾ آيت الله شيخ محمد رضا مظفر (رح ) جي جديد ترين ڪاليج ”ڪلية الفقه “ ۾ داخل ٿي عربي زبان تي عبور حاصل لاءِ ڇھ مهينا عربي کان سواءِ ٻي ڪابه ٻولي نه ڳالهائڻ لاءِ قسم کڻي ڇڏيائون ڪليته الفقه ۾ عربي ادب جي امتحان ۾ چار هزار طالبعلمن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري پاڪستاني طلاب جي وقارکي بلند ڪري ڇڏيائون، ڪلية الفقه ۾ٻين استادن سان گڏوگڏ آيت الله شيخ محمد مهدي شمس الدين لبناني جن جي خاص شاگردن ۾ شمار ٿيندا هئا ، موصوف لبنان ۾ اسلامي انقلاب لاءِ جاکوڙيندڙتنظيم” حزب الله “ جي بانين مان شمار ڪيا وڃن ٿا ، نهج البلاغه ۽ صحيفه سجاديه سان کين تمام گهڻو انس هين جنهن جي ڪري نهج البلاغه جا ڪيترا ئي خطبه حفظ ڪري ڇڏيا هيائون صحيفه سجاديه سان سندن انس جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو قبله مولانا غلام مهدي نجفي جي زندگي ۾ دانشگاه جعفريه جي سينيئر طالبعلمن کي نماز فجر جي اذان کان هڪ ڪلاڪ پهرين بيدار ڪري صحيفه سجاديه جو درس ڏيندا هيا .

 

توسل۽ توڪل جوهڪ دلچسپ داستان

جڏهن به دانشگاه جعفريه جو ڪو طالبعلم ڪنهن مالي مجبوري يا ڪنهن ٻي مشڪل جي ڪري ديني تعليم کي ترڪ ڪري ڪنهن جاءِ تي تبليغ دين جي فريضي کي ادا ڪرڻ جي ارادي سان قبله عباس علي نجفي (رح) وٽ اچي عرض ڪندو هو، تاڪه پنهنجي مشڪل کي ڪنهن حد تائين حل ڪري سگھي ، ته پاڻ ان طالبعلم جي مشڪل کي حل ڪرڻ لاءِ سرتوڙ ڪوشش ڪرڻ سان گڏوگڏ الله تعالى ۽ ائمه عليهم السلام جي پاڪ ذاتن تي توڪل ۽ انهن سان توسل ڪرڻ جي تمام گهڻي هدايت ڪندا هئا ۽ اهڙي نصيحت ڪرڻ وقت سندن نجف اشرف ۾ طالبعلمي واري هڪ دلچسپ داستان کي هن ريت بيان ڪندا هئا ته ” نجف اشرف ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ جي دوران منهنجي والدين تي تمام ڏکيا ڏينهن اچي ويا ، والد محترم حاجي حسن علي مرحوم وڏي پٽ هجڻ جي ناتي ڪربلا معلى ايندڙ هڪ قافلي سان مون ڏانهن هڪ خط ڏياري موڪليو جنهن ۾ لکي موڪليائون ته : پٽ عباس علي زندگي تمام ڏکي گذري رهي آهي يا ته ڪجھ پئسن جو بندوبست ڪري موڪل يا تعليم کي ترڪ ڪري واپس موٽي اچ ، اتفاق سان تن ڏينهن ۾ شهريي گھٽ هجڻ ڪري منهنجو وقت به نهايت ئي مشڪل سان گذري رهيو هو۽کائڻ پيئڻ لاءِ صحيح طور تي رقم به ميسر نه هئي ، خط پڙهندي ئي آئون پريشاني جي عالم ۾گم ٿي ويس نيٺ دل ۾ خيال آيم ته مشڪل ڪشا جي در تي هجڻ جي باوجود آئون پريشان ڇو ٿيان ، اهو خط کڻي مولا جي ضريح مبارڪ ۾ وجھي مولا جي بارگاه ۾ اهو عرض ڪيم ته مولا آئون ته توهان جي دروازي تي علم دين حاصل ڪرڻ آيو آهيان توهان مشڪل ڪشا آهيو لهذا منهنجي هن مشڪل کي حل ڪريو جيئن ئي دعا گهري روضي مبارڪ مان ٻاهر نڪتس ته هڪ مولوي صاحب مون کي سڏي چيو ته هي قلمي نسخي تي مشتمل پراڻي دورجو ڪتاب آهي سهڻي خوشخطي ۾ اهو ڪتاب مون کي اتاري ڏي ۽ ان جي اجرت به هينئر ئي تو کي ڏيو ٿو ڇڏيان مون ڪم جي تڪميل کان پهرين اجرت وٺڻ کان انڪار ڪيو ، ليڪن هن جي ڪافي اصرار ڪرڻ تي آخرڪاراجرت ورتم اجرت به ايتري مقدار ۾ هئي جو ان مان منهنجي مشڪل ڪافي حد تائين حل ٿي پئي سگھي ، اها رقم ۽ ڪتاب کڻي روانو ٿيس ۽ ان مان ڪجھ رقم والدين جي لاءِ ڪڍي رکيم ۽ ڪجھ رقم پنهنجي گذر لاءِ کڻي سامان سيڌو وٺڻ جي خيال سان بازار ڏانهن روانو ٿيس ته رستي ۾ خيال آيم ته آئون هتي پڙهڻ جي خيال سان آيو آهيان يا سٺا کاڌا کائڻ جي خيال سان ؟، ماني جوذمو مولا تي آهي آئون ڇو پريشان آهيان ان جي ڪري ان ارادي تان هٿ کڻي ويس ۽ وري سوچيم ته منهنجي عبا ڪافي وقت کان پراڻي ٿي چڪي آهي ان جي ڪري عبائن جي دڪان تي وڃي ڪا سٺي عبا وٺي ٿو اچان ، وري ذهن ۾ خيال آيو ته آئون هتي پڙهڻ آيو آهيان يا سٺيون سٺيون عبائون پائڻ ؟ نيٺ اها رقم کڻي سڌو ڪتابن جي دڪان تي ويس ۽ انهئ رقم جو هڪ ڪتاب وٺي جيئن ئي واپس موٽيس ، ته عبائن جي هڪ دڪان تان گذر ٿيو ته دڪان واري مون کي ڏسندي ئي پنهنجي دڪان تي وٺي ويو ۽ چوڻ لڳو اي شيخ تنهنجو گذر روزانو منهنجي دڪان جي اڳيان ٿئي ٿو آئون تنهنجي هئ تمام پراڻي عبا ڏسي شرمسار ٿو ٿيان ته اسان جي ديس ۾ تون هڪ پرديسي طالبعلم اهڙي عبا پائي هلين ، هاڻ هن منهنجي دڪان ۾ پيل عبائن مان جيڪا توکي پسند اچي اها کڻ ته مون وراڻيو مون وٽ ته پئسا ئي ناهن آئون ڪيئن عبا کڻان ؟ ته دڪاندار چوڻ لڳو هينئر آئون تو کان پئسا گھران ئي ڪو نه ٿو جڏهن به ٿينئي ته مون کي ڏئي وڃجان آئون توکي شڪايت به نه ڏيندس ، آخرڪار دڪاندار جي ڪافي اصرار تي عبا کڻي جيئن ئي مدرسي پهتس ته حيدرآباد جو هڪ طالبعلم جيڪو مدرسي ۾ اسان سان گڏ رهندو هو ، ۽ ان جي مالي حالت به اسان سڀني کان بهتر هئي مون وٽ آيو ۽چوڻ لڳو ته عباس علي صاحب پاڻ هڪ ئي علائقي جا آهيون ، ڇو نه کاڌي پيتي جو رڌ پچاءُ گڏ ڪيون تون جدا هنڊي چاڙهين ۽ آئون جدا چاڙهيان اهو ٺهي نه ٿو ، مون جواب ڏنو ته تنهنجي مالي حالت مون کان بهتر آهي آئون ته سکي رکي تي به گذارو ڪيو وڃان ، تون تڪليف ۾ پئجي ويندي تنهن تي هو چوڻ لڳو اهو ڪوبه مسئلو ڪونهي خرچ آئون ٿو ڪيان تون رڳو سامان سيڌي وٺي اچڻ ۽ رڌ پچاءُ ۾ منهنجي مدد ڪندو رهجان . اهڙي طرح مولا مشڪل ڪشا منهنجي تمام مشڪلن کي حل ڪري چڏيو ۽ پوءِمون پنهنجي هدف کي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي اڳتي جاري رکيو“ هڪ ٻن طالبعلمن کي ته مون پاڻ ڏٺو ته قبله عباس علي نجفي (رح ) جن جي اهڙي نصيحت کان پوءِ پنهنجي ارادي تان هٿ کڻي ويا ۽ دانشگاه جعفريه ۾ ڪيترائي سال تعليم حاصل ڪندا رهيا

 

نجف اشرف مان واپسي

1970ع ڌاري نجف اشرف مان پنهنجي قوم جي لاءِ مذهبي خدمت جودرد کڻي پاڪستان موٽي آيا ۽ ٽن سالن تائين مدرسه مشارع العلوم ۾ تدريس جا فرا.ض انجام ڏيئي صحت جي خرابي جي ڪري واگھريجي موٽي آيا جتي قبله مولانا غلام مهدي نجفي صاحب جن جي مدرسه جعفريه ۾ تدريس شروع ڪيائون ۽ گوڙ گھمسان کان دور باغ واري اوطاق ۾ مطالعي ۽ غور ۽فڪر جا مرحلا طئ ڪرڻ لڳا ۽ ايام عزا ( امام حسين عليه السلام جي عزاداري واري ڏهاڙن ” محرم ۽ صفر “ ) ۾ڪجھ مومنين جي تعاون سان تبليغات جو سلسلو شروع ڪيائون جنهن جون حدون ضلع ٿرپارڪر ۽ بدين جون ٻهراڙيون رهيون

1980ع ۾ ڪراچي جي ڪجھ مخير حضرات پنجاب جي علماء کان راءِ طلب ڪئي ته سنڌ ۾ تبليغات جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪنهن برجسته عالم دين جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن اتي جي ضروريات کي منظم طريقي سان پورو ڪري سگھجي پنجاب جي علماء مولانا عباس علي صاحب جو نالوپيش ڪيو ۽ مولانا عباس علي صاحب پنهنجي استادن مولانا غلام مهدي نجفي صاحب ۽ مولانا سيد ثمر حسن زيدي صاحب جن جي سرپرستي ۾ بلال مشن طرفان تبليعي تربيتگاه کي هلائڻ قبول ڪيو1980ع ۾بلال تبليغي تربيتگاه جو آغاز ٿيو جنهن ۾ ڪل 20 شاگردن جي گنجائش هئي پر ان دوران مولانا عباس علي صاحب مدرسي کي ايتري وسعت ڏيئي ڇڏي جو ٽن سالن تائين بلال مشن جو بجيٽ ۽ پروگرام اٽي ۾ لوڻ واري صورت اختيار ڪري ويو جنهن تي بلال مشن وارن پهرين ميٽنگ ۾ ۽ پوءِ تحرير ۾ سبب ڄاڻائي نوٽس ڏنو ته اوهان مشن جا ملازم هوندي ايترو خرچ ۽ طلباء جي تعداد ڇو وڌائي آهي ته مولانا صاحب جن چيو ته مشن مون کي پنهنجو ملازم سمجھي غلطي ڪئي آهي ۽ آئون فقط ۽ فقط امام جو ملازم آهيان ۽ منهنجون تمام تر توانائيون امام جي ڪم لاءِ وقف آهن ۽ وس پڄندي امام جي ڪم ۾ سستي ڪرڻ تي پاڻ کي امام اڳيان جوابدار سمجھان ٿو ان کان پوءِ مشن جدا ٿي ويئي ۽ پاڻ ساڳي طرح مدرسه جعفريه ۾ ڪم ڪندا رهيا . ان عرصي ۾ مولانا صاحب جن هڪ سيونٽي موٽر سائيڪل خريد ڪئي جنهن تي ضلع ٿرپارڪر جي ڳوٺ ڳوٺ ويندي ميرپور خاص ۽ حيدرآباد تائين سفر ڪندا رهيا .( پيرائتي پچار:مولانا سڪندر علي لطفي )

هلندڙ.....................................