Get Adobe Flash player

مولانا غلام مهدي نجفي اعلى الله مقامه جي سوانح حيات
urfaويهين صدي عيسوي نت نين ايجادن ،علمي برتري ، سياسي سرت ۽مذهبي ساڃاهه سبب ،انسان ذات جي تهذيبي ارتقا واري تاريخ ۾ هڪ اهم باب وارو درجو رکي ٿي. ٿلي ليکي صرف ڪمپيوٽر جي ڪارگردگي ، عظيم الشان لائبريرين جو قيام ،سوويت يونين جو ٺهڻ ۽ڊهڻ يا لا تعداد ملڪن جو سامراجي تسلط کان آزاد ٿيڻ ۽ آيت الله خميني ۽آيت الله خوئي رضوان الله عليهما جي عملي ۽ اصولي تعليم جا اثرات ،اهڙا موضوع آهن جن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويندا ويهين صدي عيسوي ءَ جي برڪتن کي ويچار ۾ آنيندي جڏهن اسان پنهنجي سونهاري سنڌ ڏانهن نءر ڊوڙايون ٿا ته ويهين صدي عيسوي جو سنڌ لاءِ جيڪو نمايان تحفو نظر اڇي ٿو سو آهي سنڌ جو مايهء ناز عالم ،فقير منش انسان ۽ خلو رواداريءَ جو عظيم مينار حجت الاسلام مولانا غلام مهدي اعلى الله مقامه

1_ پيدايش ۽ابتدائي تعليم

مولانا غلام مهدي رحه صاحب جن 15 شعبان سن 1340 هجري قمري مطابق 13 اپريل 1924 ع تي ڳوٺ واگهريجي تعلقو ۽ ضلعو ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيا . سندن والد جو نالو حجي نهال انلغاري هو. حاجي نهال خان لغاري کي ڪل ٽي پٽ هئا ، قبله غلام مهدي صاحب جن پنهنجي ٻن ڀائرن محمد علي ۽ حسن علي کان ننڍا هئا .15 شعبان جي ڀلاري ڏينهن تي ڄمڻ جي نسبت سان سندن نالو غلام مهدي رکيو ويو ، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائون ، سنڌي جي پڙهائڻ ۾ سندن استاد ، سائين فيض محمد ، سائين محمد حسن ۽سائين غلام حسين هئا. فارسي ۽ عربي ابتداء ۾ حافظ محمد علي بن حافظ محمد صادق حسين وٽ پڙهيا ،بعد ۾ مولانا مزمل حسين صاحب آف ڊيرا غازي خان جي معرفت قاضي امير حسين شاه وٽ “ابتدائي علم صرف” جي تعليم حاصل ڪيائون . قبله غلام مهدي رحه صاحب جي استادن جي نالن ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته انهيءَ راز تان پردو هٽندو نظر اچيٿو ته مولانا صاحب جي ابتدائي تعليم کان ئي مٿن محمدﷺ علي عليه السلام ، حسن عليه السلام ، حسين عليه السلام ۽ صادق عليه السلام ، جي فيض جو سايو جلوه افگن رهيو . پاڻ سنڌي فائنل جو امتحان پڻ ميرپورخاص سينٽر ۾ ويهي پاس ڪيو هئائون

2_ديني تعليم جي لاءِ لکنئو وڃڻ

سن 1939 ع واريلکنئو ايجيٽيشن” ۾ حصي وٺڻ سبب ميرٺ جي سينٽرل جيل ۾ باندي بڻايا ويا . جيئن سون باهه ۾ پوڻ بعد اڃا به وڌيڪ جر ڪندو آهي ، تيئن مڻياندار ماڻهو سور ۽ سختيون برداشت ڪري وڌيڪ مانُ پرائيندا آهن . مولانا غلام مهدي صاحب کي به رب پاڪ انهيءَ تڪليف جي ڀوڳڻ جي جزا اها ڏني جو ميرٺ شهر جي ديني درسگاهه “مدرسه منصبيه” ۾ کين داخلا ملي ويئي ،انهيءَ ديني ڪالج ۾ داخلا لاءِ اِن مدرسي جي شاگردن ۽ ساداتِ باره جي مولاناحڪيم سيد محمد صاحب جو وڏو هٿ هيو .مولاناحڪيم سيد محمد صاحب جي معرفت کان پوءِ کين لکنئو جي مشهور شيعه درسگاهه “مدرسه ناظميه” ۾ داخلا ملي ويئي ، جتي پاڻ سن 1947ع تائين دعني ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين انهيءَ مدرسي ۾ ديني علوم سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي جي مختلف امتحانن ۾ ويٺا ، فارسي ۾ پاڻ منشي ، عالم ۽ فاضل جون سندون ۽ عربي ۾ مولوي ، علم ۽ فاضل جون انادو الهه آباد يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائون . قبله غلام مهدي رحه صاحب جن پنهنجي ذهانت ۽ محنت جي ڏڍ تي ٻه ٻه امتحان گڏ ڏيندا هئا ، نه صرف ايترو بلڪه دستور موجب سينئر شاگرد هجڻ جي حيثيت ۾ ننڍن ڪلاسن وارن شاگردن کي به تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ايندا هئا

لکنئو ۾ زير تعليم هجڻ واري زماني ۾ سندن استاد محترمن جا نالا ڪجهه هن ريت آهن ، مولانا غلام مهدي ملڪ ، مولانا سيد محمد مهدي ، مولانا سيد ايوب حسين ، مولانا حافظ ڪفايت حسين ، مفتي سيد احمد علي شاه ،مولانا سيد محمد رضي مجتهد ، مولانا سيد محمد مرتضى ۽ مولانا غلام رسول ۽ سندن دور ۾ جيڪي ساٿي شاگرد هئا انهن مان مولانا سيد طيب آغا الجزائري ، مولانا سيد محمد محسن صاحب (مارٽن روڊ ڪراچي وارو) ، مولانا سيد محمد مرتضى (علي ڳڙهه ) ۽ مولانا منظور حسين صاحب (پرنسپل دانشگاه واگهريجي) جا نالا به اچي وڃن ٿا

3_ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نجف اشرف جو سفر

پاڪستان ٺهڻ بعد کين “ مدرسه ناظميه ” لکنئو ڇڏڻو پيو ۽ وطن ورڻ بعد ستت ئي “انجمن اماميه سنڌ” جي مالي امداد سان نجف اشرف ،مزيد تعليم پرئڻ لاءِ روانه ٿيا .نجف اشرف ۾ پاڻ ـ معالم الاصول ـ قوانين ـ شرح لمعه ـ مطول ـ تفسير صافي ـ رياض ـ شرح ڪبير ـ رسائل ـ مڪاسب ـ ڪفايه ـ ۽ ـ درس خارج ـ پڻ نصيب ٿين . حوزه علميه نجف اشرف ۾ جن متبرڪ هستين کان درس حاصل ڪيا تن مان شيخ محمد ترڪ ، سيد ابوالقاسم رشتي ، شيخ محمد علي مدرس افغاني ، محمد علي سرابي ، شيخ محمد باقر ، سيد حيدر اله آبادي .ان وقت عراق ۾ آقا سيد محسن الحڪيم مرجع هئا.نجف اشرف جي تعليم دوران سندن ساٿين مان مولانا اختر عباس (پنجاب )، مولانا غلام مهدي جلالپوري (پنجاب)مولانا نصير حسين (پنجاب) مولانا طالب حسين (پنجاب) مولانا محمد محسن (ڪراچي ) مولاناصفدرحسين (لاهور) ۽ مولانا طيب آغا جا نالا محتاج متعارف نه آهن .

نجف اشرف جي حاصل ڪيل سندن مان آقا سيد محسن الحڪيم کان روايتي اجازت نامون (اجازه) ۽ مولانا سيد ابو القاسم رشتي کان تعليمي سند جا مالڪ هئا . هتي هڪ ڳالهه اِها به ذهن نشين ڪرڻ لائق آهي ته “ اِها ڳالهه ت طئي آهي ته ويهين صديءَ جو پهريون سنڌي طالب جنهن نجف اشرف مان تعليم حاصل ڪئي سو مولانا غلام مهدي صاحب هيو ، پر گذريل چند صدين تائين به اسان کي اهڙو سنڌي جو نالو نٿو ملي جيڪو نجف اشرف ماناجازه ” حاصل ڪريآيو هجي

4_ پاڪستان واپسي(1954ع )

مولانا غلام مهدي صاحب جن سن 1954 ع ۾ عراق مان واپس وريا . جيئن هڪ ڦردار وڻ پنهنجي پڪل ميون جي چمڪ ذريعي عوام الناس کي پنهنجي طرف موهيندو آهي ، بلڪل اهڙي طرح مولانا غلام مهدي صاحب به هڪ ڪامل استاد وانگر سنڌ واسين کي علم جي پالوٽ لاءِ تيار ٿي آيو . جيئن سج جي روشني سان بيابان جي واري ءَ جا ذرڙا به چمڪڻ لڳنداآهن ، تيئن مولانا غلام مهدي صاحب جن پنهجي ڪردار ۽ گفتار سان عالم باعمل ٺاهڻ شروع ڪيا ، قبله غلام مهدي صاحب جي انهيءَ وصف سبب مان کين “شمس العلماء” سڏيان ٿو ، ها مگر مون کي خبر آهي ته برِصغير ۾ شمس العلماء انهن کي سڏيو ويندو هو جن کي انگريز سرڪار اهو طاب عطا ڪندي هئي ، انهي ڪري مان مولاناغلام مهدي اعلى مقامه جن کي “ شمس العلماء ” جهڙي سرڪار لقب بجاءِ اسان سنڌ جي شيعه اثنا عشري شيعن جو سرتاج سڏي رهيو آهيان
هلندڙ...........................

ڪمپوزنگ مداح حسين مخلصي