Get Adobe Flash player

قال علي بن موسى رضا عليه السلام : من زارها عارفا بحقها فله الجنه

هن معظمه بي بي جو نالو فاطمه آهي ۽ سندن معروف لقب معصومه ، ولية الله ، صفيه ، عابده ، زاهده ۽ متقيه آهن حضرت سائڻ معصومه  س جي ولادت با سعادت جي باري ۾ تاريخ لکندڙن جو اختلاف آهي پر اڪثرمورخين جو هن ڳالههتي اتفاق آهي ته سندن ولادت با سعادت پهرين ذوالقعده 173 ھ تي ٿئي جهڙي نموني مورخين جوسائڻ پاڪ جي ولادت با سعادت جي باري ۾ اختلاف آهي

 

اهڙي طر ح تاريخ لکندڙن جو هن ڳالھ ۾ به اختلاف آهي ته آيا بي بي پاڪ جي ولادت وقت سندن والد گرامي حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جن مديني ۾ هئا ۽ پاڻ پنهنجي والد گرامي وقت جي امام حضرت موسى ڪاظم عليه السلام جي پر نور ۽ پر جمال چهري مبارڪ جي ديدار سان مشرف ٿيون يا نه جنهن وقت سندن ولادت ٿئ ته امام جن بغداد ۾ قيد هئا ۽ هميشه جي لاءِ پنهنجي پئ جي ديدار کان محروم رهجي ويو ؟ سائڻ پاڪ جن جي مديني کان روانگي علامه مجلسي رح روايت ڪن ٿا ته حضرت امام رضا عليه السلام سن 200 ھ ق ۾ ان دور جي هڪ عباسي خليفي مامون جي دعوت جي بنياد تي خراسان ۾ آيا ۽ جئين ته سائڻ معصومه س جو امام رضا عليه السلام سڳو ڀاءُ ( ماء هڪ ئي هئ) هيو لهذا سڀني ڀائرن کان وڌيڪ چاھ هوندو هو بس جئين ئي امام رضا عليه السلام جن سن 200 ھ ۾ مديني کان مرو ( خراسان ) آيا سندن جدائي ۽ دوري برداشت نه ڪندي سن 201 ھجري ۾ سندس ڀاءُ سان ملاقات ۽ ديدار خاطر مديني کان روانيون ٿيون  عصمت جو پليون بيبيون جنهن جوگهر جي ڏيڊي کان ڪڏهن قدم ٻاهر نه آيو انهن پنهنجي سڄڻن جي سڪ ۾ اهي پهاڙن ۽ ريگستانن جا سفر ڪيا جن کي پڙهڻ سان هر غيور انسان جو اکيون بي ساخته لڙڪ لاڙيو ڏين ، جڏهن سنڌ جي مشهور شاعر شاه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي اهڙن سفرن تي نگاه پئي ته ان به اهڙن سفرن کي شعر جي صورت ۾ پنهنجي رسالي جي سيني ۾ سانڍيو:

ڪَرِڙا ڏُونگر ڪَھِ گهڻي جت نانگ سُجن نِيلا

اُتي عبد اللطيف چئ جِتِ ڪُڙم نه قبيلا

اُتِ رَهبر رَسِجُ راھ ۾ ڪيا هيڪلين هِيلا

پاڻامام۽ ساوا شهر جيڪو قم کان چند ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي اتي آيون اتي دشمنان اهلبيت سان جنگ ٿئي جتي سائڻ جا ڀائر ۽ همسفر شهيد ٿئي ويا سائيڻ کي ڏاڍو صدمو رسيو، بي بي پاڪ بيمار ٿئي پيون ۽ پڇيائون ته هتان کان قم گهڻو پري آهي سائڻ کي ٻڌايائون ته قم تقريبا 20 فرسخ آهي پنهنجي خادم کي فرمايائون ته مونکي قم پهچايو ، پوءِ سائڻ قم ڏانهن رواني ٿئي .

جڏهن بي بي معظمه جي وارد ٿيڻ جي خبر آل سعد کي ملي ، آل سعد اشعري مان موسى بن خزرج سگهو چند ماڻهن سان گڏ سائيڻ معصومه جي استقبال خاطربي بي پاڪ جي خدمت ۾ پهتو ۽ ان ڏاچي جنهن تي بي بي پاڪ سوار هيون جي مهار ورتائون ۽ سائيڻ پاڪ کي گهر وٺي آيا بي بي سندن حياتي جا ڏينهن اتي ئي گذاريا ) جيڪو اڄ به بيت النور سان معروف آهي ( سائيڻ بيمار هجڻ جي ڪري سندن قم ۾ 17 ڏينهن کان بعد ڏک ڀري رحلت ٿئ سائيڻ جن جي جسد اطهر کي غسل وڪفن کان بعد باغ بابلان ( هاڻ جتي هن معظمه جي مزار پاڪ آهي ) آندو ويو ۽ اتي ئي سائيڻ معصومه سلام الله عليها کي سپرد خاڪ ڪيو ويو جواد عليه السلام جن فر مائن ٿا ته : من ” جنهن قم ۾ منهنجي ڦڦي ( حضرت مصومه س ) جي زيارت ڪئي ان لاءِ جنت آهي .من زار قبر عمّتي بقم فله الجنه