Get Adobe Flash player

حضرت  امام رضا عليه السلام جي خاص صحابي ابراهيم ابن عباس کان نقل آهي ته ۡ:

قَالَ اِبۡرَاهِيۡمُ ابۡنُ عَبَّاس مارَاَيۡتُ عَلَيۡہ السَّلَامُ جَفَا اَحَدًا بِکَلِمَةِ قط

ابراهيم ابن عباس چيو مون امام رضاعليه السلام کي (سڄي زندگيءَ ۾) ڪنهن تي ڪاوڙ ۾ڪو لفظ به ڳالهائيندي نه ڏٺو.

ابراهيم ابن عباس اٺين امام  عليه السلام جي زندگيءَ جي خاصيتن کي بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته ڪڏهن به ڪنهن به غلام ،فرزند کي يا ڪنهن پاڙي واري سان تکو ڳالهائيندي نه ڏٺو. ڇو جو تکو ڳالهائڻ سان ٻڌڻ وارو ڀلي ٻڌي چپ به ڪري وڃي پر سندس دل ۾چوڻ واري لاءِ نفرت پيدا ٿئي ٿي. هن روايت ۾آداب زندگي ۽ ماڻهن جي حقن جي طرف اشارو ٿيل آهي.

    امام عليه السلام جي  ٻئي خصلت  ٻڌائيندي ابراهيم چوي ٿو

ولا رايتہ قطع على احدِ کلاٰمةَ حتيٰ يفرغ منہ.

 مون نه ڏٺو جو امام عليہ السلام ڪڏهن به ڳالهائڻ واري جي ڳالھ ڪٽي پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪيو هجيس.

ڪجھ ماڻهن جي تمام بري عادت آهي جو ڪو ڳالهائيندو هجي ۽ هوبه ڳالهائڻ شروع ڪري ڏئي. بغير انهيءَ جي جو ڳالهائڻ واري کان اجازت وٺي. ائين ڪرڻ سان ٻه خرابيون لازم اچن ٿيون. هڪ ته ڳالهائڻ واري جي توهين ٿئي ٿي. ٻيو ڳالهائڻ واري جي ڳالھ نامڪمل رهجي وڃي ٿي. جنهن مطلب کي هن واضح ڪرڻ پئي چاهيو اهو رهجي وڃي ٿو. هي ٻئي خرابيون ان صورت ۾پيش اينديون جو ڳالهائڻ وارو ماٺ ڪري ويهي رهي پر جيڪڏهن ڪنهن جي وچ ۾ڳالهائڻ سان هو ماٺ نه ڪري ته ان صورت ۾ٻئي ڳالهائيندا رهندا نه هِن جي ڳالھ سمجھ ۾ايندي نه هُن جي ڳالھ سمجھ ۾ايندي.

 

وَمَا ردَّ احدًا عَنۡ حاجةِ يَقۡدِرُ عَلَيهَا

ابراهيم ابن عباس چوي ٿو مون نه ڏٺو ڪڏهن امام کي جو ڪو شخص ڪا حاجت کڻي آيوهجي ۽ امام وس پڄندي هن جي مدد نه ڪئي هجي.

   ڪنهن به مومن ڀاء جي مشڪل کي حل ڪرڻ اخلاقي فرض آهي انسان اهو تصور ڪري ته هي ضرورت مند ماڻهو مون وٽ آيو آهي ۽ آئون هن جي ضرورت پوري به ڪري سگھان ٿو آئون هن جي مدد به ڪري سگھان ٿو ته الله جي نعمتن جي شڪرئي طور ان کي مدد ڪرڻ گھرجي ڇو جو اهڙو ئي ضرورت مند حاجت مند پاڻ ٿئي ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟ هيءَ ته شڪر جي جاءِ آهي جو خدا هن کي محتاج نه ڪيو آهي بلڪه هن کي خدا ٻي جي حاجت روائي ڪرڻ جو اهل بنايو آهي.

وَمَا ردَّ احدًا عَنۡ حاجةِ يَقۡدِرُ عَلَيهَا

ابراهيم ابن عباس چوي ٿو مون امام کي ڪنهن ويٺل ماڻهو جي اڳيان پير ڊگھڙي ويهڻ ڪونه ڏنو ۽ نه وري ڪنهن جي سامهون ٽيڪ لڳائي ويهندي ڏٺم.

ڪنهن جي اڳيان پير ڊگھيڙي ويهڻ بي ادبي آهي ۽ ڪنهن جي سامهون ٽيڪ ڏئي ويهڻ تڪبرجي نشاني آهي.

ولا رايۡتُہ شَتَمَ اَحَدًا من مَوَالِيۡہِ وَمَمَالِيۡکِہ قَطُّ.

 ابراهيم بن عباس چوي ٿو مون ڪڏهن به نه ڏٺو ته امام پنهنجي غلامن ۽ نوڪرن چاڪرن مان به ڪنهن کي برو ڀلو ڳالهايو هجي جيڪو امام پنهنجي نوڪرن چاڪرن سان به ايتري با ادب ۽ با اخلاق طريقي سان هلي ٿو اهو امام مومنن متقي پرهيزگار ۽ عالم ماڻهن سان ڪيترو نه سٺو هلندو هوندو.

وَلَا رَايۡتُہ تَفلَ قَطُّ.

 ڪڏهن به مون امام کي ٿڪيندي نه ڏٺو. يعني امام صفائي سٿرائي جي ڪري ۽ ماڻهن جي احترام خاطر (ماڻهن جي سامهون) ٿڪ نه اڇلائيندا هئا. سبب اهو آهي ته ماڻهن جي اڳيان ٿڪڻ بي ادبي آهي ڇو جو ماڻهو ان ڪم کان نفرت ڪن ٿا. ان ڪري ادب جي تقاضا اها آهي ته جيڪڏهن ٿڪ اڇلائڻي ئي آهي ته هڪ پاسي ٿي پوءِ اڇلائي وڃي.

وَلَا رايتُہ تَقَهۡقَہَ فِيۡ ضِحۡکِہ قَطُّ بَلۡ کان ضِحۡکُہ التَّبَسُّمۡ.

ابراهيم ابن عباس چوي ٿو ته مون نه ڏٺو جو امام عليه السلام ڪڏهن به ٽهڪ ڏئي کِليُو  هجي بلڪه سندن کلڻ رڳو مسڪرائڻ هوندو هو.

مٿي ڄاڻايل سڀ آداب سون جي پاڻي سان لکڻ جھڙا آهن ۽ هر مومن کي انهن تي عمل ڪري با ادب ۽ با اخلاق زندگي ڪرڻ گھرجي.