Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 60 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

 (4)مال جي برڪت ۽زڪات جواثر

قَال علي عليه  السلام يَاکُمَيۡلُ البَرَکةُ فِي مَالِ مَنۡ آتَي الزکَّوَاةُ ووَاسَي المُومنين و وَصَلُ الۡاَقۡرَبِين يَاکُمَيۡلُ لَا ترَدَّسَائِلًا وَلَوَمِنَ شَطۡرِحَبَّةِ عِنۡب اَوشقّ تَمۡرَة فَاِنَّ اَلصَّدَ قةَ تَنۡمُوۡ عِنۡدَاللهِ

اي ڪميل برڪت ان جي مال۾ ٿيندي آهي جنهن زڪوات ڏني ۽مومنن سان برابري۽ هڪجهڙائئَ سان هليو ۽جنهن مٽن مائٽن سان صلي رحمي ڪئي.اي ڪميل ڪنهن به سوالئ کي خالي نه موٽاءِ ۽چاهي انگور جو هڪڙو داڻو ڏئي سگهين يا ڪتل جي ڳڙي جوهڪ ٽڪڙو ڏئي سگهين.

               ڇوجو صدقو الله سائين وٽ پوک وانگر وڌي ٿوجنهن انسان جو عقيدوآهي ته ماورائ طبيعت هن مادي دنيا کان مٿانهين هڪ قدرت ڪامله آهي جنهن جي قبضي ۾سڳي ڪائنات جونظام آهي.ان جا پنهنجا اصول  آهن جيڪي انبيآء ۽ اولياء ۽ صالح بندن وسيلي انسانن تائين پهچايا ويا آهي ته جيئن انسان پنهنجي دنياوي وسيلن کي سڀ ڪجهه نه سمجهي بلڪه اهويقين رکي ته ان ظاهري اسباب سان گڏوگڏ ڪي باطني نصرتون (مدد) به آهي جن سان انسان جون خواهشون ثمر بخش۽اطمينان جوڳيون ٿين ٿيون.انهن باطني شين مان هڪ مال ۾برڪت جو هجڻ آهي.مال جي ڪثرت جاظاهري وسيلا ڪيترائي آهن پران۾برڪت لاءِباطني وسيلا پڻ رکيا ويا آهي جيئن مول اامير عليه السلام ٽن وسيلن ڏانهن اشاروڪيوآهي پهريون زڪات کي اداڪرڻ يعني جيڪو ماڻهوزڪات نه ٿوڏي اهو توقع نه رکي ته سندس مال ۾برڪت ٿيندي ٻيو مومنين سان مساوات ۽برابري رکڻ۽ٽيون مائٽن مٽن سان صله رحمي ڪرڻ سبب ٿين ٿا مال جي برڪت جو.

         هڪ ٻي حديث ۾مولاؑ فرمائين ٿا اي ڪميل سائل کي هٿين خالي نه موٽاءِ ڇو جو جيڪڏهن خدا ڪارڻ هڪ داڻو انگور جو يا کجي جو هڪ ٽڪرو به ڏنئي ته به اللهﷻ  تنهنجي آخرت جي ذخيري ۾اضافو فرمائيندو ڇو جو اللهﷻ جي راه ۾ ٿيل خرچ وڌندڙ آهي جيئن فصل لاءِ انسان هڪ داڻو ٻني ۾ ڇٽي ٿو ته ان مان سنگ جي صورت ۾ (70) ستر داڻا ڦٽن ٿا. ان ڪري الله سائين جي راه ۾ ڏيڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائڻ کپي چاهي ان جي راه ۾ڏنل شئ اها ڪيتري به ٿوري ڇو نه هجي ۽ جيڪا شي وڌندي ٿي رهي ان ۾ برڪت ئي برڪت آهي.

 

(5) تعصب جي مذمت

(5) قَالَ رَسُولُ الله صلى الله عليه وآله وسلم   مَنۡ کانَ فِيۡ قَلبِہِ حَبَةِ مِن خَرۡدَل مَنۡ عَصَبَيَّة بَعَثَہُ اللهُ يَومَ الۡقِيٰمَةِ مَعۡ اعراب الجَاهِلِيةِ

حضور صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو جنهن به شخص جي دل ۾سرنهه جي داڻي جيترو تعصب هوندو.الله سائين ان کي جاهل اعرابين سان گڏ قيامت ۾ اٿاريندو.

تعصب اها قلبي ۽ فڪري بيماري آهي جيڪا انسان کي حق ۽ حقيقت کي ڏسڻ کان نابينا ڪري ڇڏيندي آهي انسان جي سوچ تان عقلي،منطقي ۽ الٰهي معيار کي محو ڪري ڇڏيندي آهي اهو ماڻهو ڪنهن به چڱائي ۽ لڱائي کي حقيقي نگاه سان ڏسڻ بجاءِ تعصب جي عينڪ سان ڏسندو آهي.اهوئي سندس گمراهيءَ جو سبب هوندو آهي. قوم قبيلي خاندان يا ٻولي وغيره جو تعصب متعصب ماڻهو کان ڪئي ڪُڌا ڪم ڪرائيندو آهي مثال غصب، ظلم،ستم،ڏاڍ،بدگوئي،غيبت،تهمت ۽ قتل جهڙا ڏوہه وغيره

حضور ﷺ جن ان خطرناڪ بيماري ڏانهن مسلمانن کي متوجه ڪندي فرمايو آهي ته تعصب جيڪڏهن تمام ٿورڙو به هجي ته به انسان جي گمراهي جو سبب ٿي سگھي ٿو ۽ هن کي حق جي راهه کان هٽائي گمراهي جي رستي تي لڳائي سگھي ٿو.

 

 (6)منهن ۾ مرڪ رکڻ

قال رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم انکم لن تسعو الناس باموالکم فالقوهم بطلاقة الوجہ وحسن البشر

(اصول کافي ج 2 ص 103)

ترجمو: توهان سڀني ماڻهن کي مالي بخشش وسيلي منهن نٿا ڏئي سگهو پوءِ هنن سان کليل چهري سان ملو ۽ هشاش بشاش ٿي ۽منهن ۾ مرڪ رکي ملاقات ڪريو

                  هي حديث خصوصاً ارباب رجوع (جن وٽ ماڻهن جي دنياوي ۽ ديني ڪمن خاطر اچ وڃ آهي) انهن لاءِ هڪ بهترين نصيحت آهي ڇو جو هر ماڻهو جي گھرج،ضرورت ۽ مطلب کي پورو ڪرڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه آهي.ڪيترو به دل جو کليل ۽ سخي ڇو نه هجي پر ماڻهن جون ضرورتون وڌيڪ آهن. ضرور ڪن ماڻهن کي (نه) چوڻو ٿو پوي ۽ حقيقت به اها آهي ته ڪي ڪم ٿي سگھن ٿا ڪي نه ٿا ٿي سگھن ۽ عام ماڻهو جي توقع اها هوندي آهي ته منهنجو ڪم ضرور ٿئي ان ڪري ضروري آهي ته جنهن ماڻهو ۾ توقع رکي وڃي اهو جيڪڏهن ڪم انجام نه ٿو ڏئي سگھي ته خوش روئي ۽ خوش اخلاقي سان ماڻهن سان ملاقات ڪري ته به ڀلي ڳالھ آهي ۽ ڇوجو ائين ڪرڻ سان مشڪل ۾ ڦاٿل انسانن جي دلين کي آٿت ملندي ۽ سندن ڏک ۾ ڪجهه هلڪائي ٿيندي ۽ سدائين سندن دل ۾ محبت ۽ عزت قائم رهندي ۽ چوندا ته ادا فلاڻو وس آهر ڪم ڪري ٿو ڪم ٿئي يا نه ٿئي پر ملڻ جلڻ جو ڀلو آهي پر ان جو اهو مطلب به نه آهي ته رڳو ماڻهن کي آسرا ۽ اميدون ڏجن ۽ ٺلهن دلاسن ۾ چڪر ڪٽرائجن اهو ڪم به چڱو نه آهي ڇو جو نفاق تمام بري صفت آهي ۽ منافقت ڪنهن به ماڻهو کي پسند نه آهي هر ماڻهو چاهي ٿو ته سندس ڪم جي ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو جواب کيس ترت ئي ملي وڃي ته هتان آسرو لاهي ٻي پاسي ڪا ڪوشش وٺجي ته جيئن هن جي آسري ۾ ڪو ٻيو موقعو به هٿان نه هليو وڃي. مطلب اهو آهي نه ۽ انڪار ۾ جواب به منهن ۾ مرڪ رکي ۽ با ادب ۽ با اخلاق لهجي ۾ ائين ڏيڻ گهرجي جو سندس دل آزاري نه ٿئي .

(7) بهتان

قال  رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم: من بهت مومناً او مومنة او قال فيہ ما ليس فيہ اقامہ الله تعاليٰ يوم القيٰمة علي تل من نار حتيٰ يخرج مما قالہ فيہ          (بحار ج 75 ص 194 ---- کنزالعمال ج 2 حديث7924)

                  حضور صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو جنهن به ڪنهن مومن يا مومنياڻي تي بهتان ٻڌو (تهمت هنئي) يا (ان جي باري ۾) اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي جيڪا هن ۾ نه آهي ته الله سائين ان کي قيامت جي ڏينهن باهه جي دِڪي تي بيهاريندو ايستائين جو خارج ٿيندس اها شي جيڪا هن لاءِ چئي هئائين.

                  تهمت اهو گناه آهي جنهن کي قرآن شريف ۾ سوره احزاب جي آيت نمبر58 ۾ کليل گناه سڏيو ويو آهي ۽ ڪن روايتن ۾ تهمت کي جبل کان به وڌيڪ وزني ۽ ڳرو قرار ڏنو ويو آهي ۽ واقعي  ئي هي هڪ سنگين جرم آهي جنهن کي اسانجي عام معاشري ۾ بلڪل هلڪو ۽ ٻي اهميت سمجھي انجام ڏنو وڃي ٿوجڏهن ته تهمت هڻڻ سان هڪ انسان جي آبرو ريزي ٿئي ٿي هن جي بي عزتي ۽ بي حرمتي ٿئي ٿي .۽ سندس عزت ۽وقار مجروح ٿئي ٿو جيڪو ماڻهو جيتري حيثيت ۽ عزت معاشري ۾ پنهنجي صاف ڪردار ۽ نيڪ سيرت سان ٺاهي ٿو ان حيثيت کي ٺاهڻ ۾ ماڻهو کي سالن جا سال لڳي ٿا وڃن فرض ڪريو هڪ شريف ماڻهو ڪنهن پاڙي ۾ پنهنجي شرافت مندانه زندگي گذاري ٿو ۽ هن کي ان پاڙي ۾ رهندي 25 يا 30 سال ٿي ويا هجن ۽ هن ڪڏهن به پنهنجي پاڙي جي ڪنهن خاتون کي ميري نظر سان به نه ڏٺو هجي اها حيثيت هن جي پنهنجي نيڪ سيرت ۽ نيڪ ڪردار جي ڪري ٺهي آهي ۽ ان جي هن عزت ۽ شرافت کي برداشت نه ڪندي ماڻهو سندس مٿان بهتان ٻڌي ته هن جي ڪيترن سالن جي ڪمايل شرافت ختم ٿي ويندي ائين ضرور آهي ته ڪيترائي ماڻهو ان جي ان ڳالھ تي اعتبار نه ڪندا پر ڪي ته اهڙا هوندا جيڪي پڪ سمجهي ويهي رهندا ۽ اهڙا ڪنن جا ڪچا ماڻهو اسان جي معاشري ۾ وڏي انگ ۾ موجود آهن تنهن ڪري اسان کي گھرجي ته جلدي ڪنهن تي ڪوبه اهڙو تبصرو ڪرڻ کان پرهيز ڪريون جنهن سان ڪنهن مومن ڀاءُ جي حيثيت ۽ شخصيت کي نقصان پهچي.