Get Adobe Flash player

 

       الله سائينءَ جي پسنديدہ دين اسلام جي تبليغ ۽ ترويج ۾ پيغمبر اسلام محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جن ڪيترو ڪامياب ويا پوري دنيا ان جي بهترين شاهد آهي جو اڄ سندن زبان مبارڪ تان جاري ٿيل لاالہ الله جي صدا محمد رسول الله جي صدا سان گڏ دنيا جي هر ڪند ڪڙڇ ۾ پهچي چڪي آهي،۽ اڄ پوري دنيا ۾ اها واحد اها صدا آهي جيڪا رات ۽ ڏينهن جي هر لحظي ۾ ڪونجي پئي، رسول الله جي اهڙي ڪامياب تبليغ جي پويان جتي الله سائينءَ جي غيبي امداد جو وڏو اثر آهي اتي سندن اخلاق حسنه جو پڻ هڪ وڏو سهم آهي. اهو سندن اخلاق ئي هيو جنهن مڪي جي ڪافرن کي مجبور ڪيو جوکين صادق ۽ امين چون،اهو سندن اخلاق ئي هيو جنهن پٿر دل عربن جي دل اهڙي ته نرم ڪئي جو پنهنجي معصوم گلاب جهڙين ڌين کي پيءُ جي پيار ڏيڻ بجاءِ عربستان جي گرم ريگستانن ۾ کڏ کوٽي جيئرو ئي پوري ايندا هئا سي اسلام خاطر جنگيون وڙهندي پنهنجي جان نثار پيا ڪن ۽مرڻ گهڙيءَ تائين ايثار جا اهي جوهر ڏيکاريائون جو دينا اڃان تائين حيران آهي ته ڪيئن هڪ شخص پاڻ محتاج هوندي پاڻيءَ ذرو  نٿي پيتائون ۽ پنهنجي ساٿيءَ کي ٿي پياريائون.

  اهو رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن جو اخلاق ئي هيو جو عربستان جي جاهل ۽ تنگ نظر ۽ انساني ثقافت کان ڪونهي ڏور ماڻهن کي اخلاق جا عالي گڻ سيکاريا ۽ جتي علم وهنر جو نالو نه هيو اتي علم وهنر جا مرڪز بڻايا۽ انهن ئي جاهل عربن علم۽هنر ڪلچر وثقافت ۾ اهي مرڪز قائم ڪيا جو يوناني هزارين سالن جي محنت جي باوجود اڃان اتي پهچي نه سگهيا هيا،ايران جا مجوسي سوين ورهن جي جاکوڙ کان پوءِ به انهن پائي نه سگهيا هيا.

   بلڪل اهو رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن جو بلندو بالا اخلاق ئي هيو جنهن کي پروردگار نهايت اعلى قرار ڏيندي فرمايو: ”وَ إِنَّكَ لَعَلى‏ خُلُقٍ عَظيمٍ  (بيشڪ تون اخلاق جي اعلى ترين مرتبي تي فائز آهين) ” [1]“ ۽سندن اخلاق حسنه کي ٻين لاءِ آئيڊيل بڻائيندي فرمايو:لَقَدْ كانَ لَكُمْ في‏ رَسُولِ اللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ  (توهان جي لاءَ رسول جي زندگي آئيڊيل آهي) [2]

  حديث نبوي آهي ته الله سائين طرفان جبرئيل امين رسول الله جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري پيغام پهچايو ته:بد اخلاقي دنيا۽ آخرت جي برڪت کسي ٿي وٺي لهذا هميشه خوش اخلاق رهه.

  رسول خدا جن هميشه اها دعا گهرندا هئا ته «اللهم حسّن خلقي» (پالڻهار منهنجي اخلاق کي بهتر بڻاءِ)”[3]

 

جيڪڏهن رسول الله کان سوال ڪيون ته اوهان اهڙو عالي اخلاق ڪهڙي استاد کان سکيو ته سندن هيءَ مشهور حديث سامهون ايندي جنهن۾ فرمايو اٿائون:” أَدَّبَنِي رَبِّي فَأَحْسَنَ تَأْدِيبِي“ (مون کي پنهنجي پالڻهار اخلاق جو درس ڏنو ۽ڪيڏو نه سهڻو درس ڏنائين)

اسلام ۾ سهڻي اخلاق جي تمام گهڻي عظمت ۽ اهميت  ايستائين جو رسول الله ص جن پنهنجي نبوت جو اهم ترين مقصد سهڻي اخلاق جو ڦهلائڻ قرار ڏيندي فرمائين ٿا:إِنَّمَا بُعِثْتُ لِأُتَمِّمَ مَكَارِمَ الْأَخْلَاقِ مون کي فقط سهڻن اخلاق جي تڪميل لاءِ  موڪليو ويو آهي

اسان هن مقالي ۾ ڪوشش ڪنداسين ته رسول الله صلى الله وآله السلام جي مهمترين اخلاق حسنه تي هڪ نظر وجهون جيتوڻيڪ سندن خوبيون بيشمار،صفتون بي مثال،سندن شان اعلى ۽ اخلاق با ڪمال آهي

 

1_ سڀني کي سلام ڪرڻ

رسول الله ص هميشه سڀني کي سلام ڪندا هيا،هر ننڍي وڏي کي نه فقط سلام ڪندا هيا بلڪه سلام ڪرڻ ۾ سبقت وٺندا هيا.

2_ٻين سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ

        1_رسول الله جي سٺين خصلتن مان هڪ اهو هيو ته جڏهن ڪنهن مسلمان سان ملندا هيا ته کيس هٿ ڏيندا هئا ۽ جيستائين هٿ نه ڇڏيندو هو هٿ نه ڇڏيندا هئا

        2_ ڪنهن کي رخي نالي سان نه سڏيندا هئا هميشه کين نهايت احترام ۽ ڪنيت سان سڏيندا هئا

        3_اصحابن مان اگر جيڪڏهن ڪنهن کي لڳاتار ٽي ڏينهن نه ڏسندا هئا ته سندن خير خيريت پڇندا هئا

        4_جڏهن به ڪنهن سان گفتگو ڪندا هئا ته سندس ڳالهه  پوري ڌيان سان ٻڌندا هئا۽اگرڪنهن ڏي اشارو ڪندا هئا ته هڪ آنگر سان اشارو نه ڪندا هئا

3_ رسول خدا ص جي ڪچهري

رسول خدا ص جڏهن به ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ويهندا يا اٿندا هئا ته خدا جو ذڪر ڪندا هئا،ڪچهريءَ ۾ پنهنجي لاءِ جڳهه مخصوص نه ڪندا هئا بلڪه هرخالي جڳهه تي ويهندا هئا،هميشه ٻين سان نرميءَ۽ خوش خلقيءَ سان پيش ايندا هئا۽ هميشه ٽن ڳالهين کان پرهيز ڪندا هئا 1_گهڻو ڳالهائڻ 2_ بيهوده ڳالهائڻ3_ جهيڙو ڪرڻ

     ڪچهريءَ ۾ ڪنهن جي مذمت ،غيبت،۽ عيب جوئي نه ڪندا هيا،۽ڪچهريءَ ۾ اٿڻ مهل 25 دفعا استغفار ڪندا هئا

4_ رسول خدا ص ،مهماني۽ميزباني

رسول الله ص فرمائيندا هئا ته پيغمبرن،صديقن،شهيدن۽ صالحن جي بهترين خوبي اها آهي ته هو خدا خاطر هڪ ٻئي سان ملندا آهن، پيغمبر اسلام ص جن هر انسان (بنده۽آزاد) جي دعوت قبول ڪندا هئا۽مهمان کان موڪلاڻيءَ وقت در تائين ساڻس گڏ ايندا هئا

5_ رسول خدا ص ،جي گفتگو

رسول الله ص هميشه خاموش ۽ ذڪر فڪر ۾ مشغول هوندا هئا۽ضرورت کانسواءِ ڪلام نه ڪندا هئا،جيڪڏهن ڪٿي ڳالهائيندا هئا ته الله جي رضا خاطر،گفتگوءَ ۾ پورو پورو ڪلام ڪندا هئا جنهن ۾ نه لفظ گهٽ هوندو هئو نه وڌ.

سندن گفتگو مختصر ۽مفيد جملن تي ٻڌل هوندي هئي ،هميشه آهستي آهستي سلسلي وار ۽ائين ڳالهائيندا هئا جو ٻڌڻ وارو چڱيءَ طرح ٻڌي ۽ سمجهي سگهي.هر ڪنهن سان سندس هوش،عقل ۽سمجهه مطابق ڪلام ڪندا هئا ،گفتگوءَ ۾ هميشه سندن لبن تي مسڪراهٽ هوندي هئي۽اهڙي ڳالهه نه ڪندا هئا جيڪا ٻڌڻ واري کي رنجائي.

6_ رسول خدا ص ،جي صفائي ۽ سٿرائي

رسول خدا ص مٿي کي صاف ڪرڻ لاءِ هميشه ٻير جو پاڻي استعمال ڪندا هئا،حضرت امام صادق عليه السلام کان نقل آهي ته حضرت رسول الله ص فرمايو:جيڪو به ماڻهو پنهنجي مٿي کي ٻير جي پاڻيءَ سان ڌوئيندو الله ان کي شيطان جي وسوسي کان بچائيندو۽ جيڪو شيطان جي وسوسي کان بچل هوندو اهو گناهه نه ڪندو ۽ بهشت ۾ ويندو

امام صادق عليه السلام کا نقل آهي ته مسجد ۾ وڃڻ وقت ڪنگو ڏيڻ مستحب آهي جنهن سان روزيءَ ۾ برڪت پوي ٿي.طاقت وڌي ٿي ۽ بلغم گهٽجي ٿو

حضرت رسول خدا ص هميشه عطر سان پاڻ کي خوشبو ڪندا هئا۽ پاڻ فرمائيندا ته چار شيون نبين جي سنت آهن جن مان هڪ عطر هڻڻ به آهي،۽ پاڻ عطر جي قسمن مان مشڪ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا ،وارن کي تيل هڻندا هئا۽ فرمائندا هئا ته تيل هڻڻ سان غم ۽ پريشانيون دور ٿين ٿيون.جيڪڏهن مٿي ۾ سور پوندو هئن ته پنهنجي ڀِرُنِ کي تيل هڻندا هئا.

رسول خدا ص هميشه ڏندن کي مسواڪ(ڏندڻ)هڻندا هئا،خاص ڪري سمهڻ کان پهريان ۽اٿڻ کان پوءِ ۽هر نماز کان پهريان ڏندڻ هڻندا هئا

هر واجب ۽مستحب نماز لاءِوضو ڪندا هئا ۽هر جمعي جي ڏينهن ۽ عيد جي ڏينهن غسل ڪرڻ سندن سنّت ۾ شامل آهي

7_ غذا (کاڌو) کائڻ  جا آداب

رسول خدا ص جي حديث آهي ته اسان اها قوم آهيون جن جيستائين بک نه لڳي ماني نه کائيندا آهيون۽جڏهن کائيندا آهيون ته پيٽ ڀري نه کائيندا آهيون،

ماني کائڻ کان اڳ ۽ پوءِهٿن کي ڌوئڻ سندن سنت آهي،هميشه ماني کائڻ کان پهريان جتي لاهي دسترخوان تي ويهي ماني کائيندا هئا ڪوشش ڪندا هئا ته اڪيلا ماني نه کائين،سڀني کان پهريان ماني کائڻ جي شروعات ڪندا هئا ۽ جيستائين ٻيا ماني کائي نه اٿن درسترخوان تان نه اٿندا هئا

         هميشه پنهنجي سامهون غذا کڻندا هئا ٻه گره کائي الله جي ثنا ڪندا هئا،۽ مانيءَ مان عيب نه ڪڍندا هئا،هرگز گرم ماني نه کائيندا هئا ۽ فرمايندا هئا ته: الله اسان تي باه حرام ڪئي آهي، گرم مانيءَ ۾ برڪت ناهي تنهنڪري ٿڌي ڪري کائو.

رات جي ماني ضرور کائيندا هئا۽ چوندا هئا ته رات جي ماني نه کائڻ سان جسم ۾ خرابيون پيدا ٿين ٿيون.

پاڻي هميشه ٽن ساهين ۾ پيندا هئا۽هر ساهيءَ کان پوءِ “بسم الله” ۽آخر ۾ ”الحمد لله “ چوندا هئا ۽پاڻ فرمايو اٿائون ته هڪ ساهيءَ ۾ پاڻي پيڻ سان سيني ۾ سور پوي ٿو

8_ ٻارن ۽ عورتن جي باري ۾

حضرت امام صادق عليه السلام کان نقل ته ٻار جي لاءِ ست شيون رسول الله ص جي سنت مان آهن

1_نالو رکڻ 2_ جهنڊ لهرائڻ 3_ جهنڊ جي وارن جي مقدار برابر سون يا چانديءَ جو صدقو ڪڍڻ 4_ عقيقو ڪرڻ 5_ زعفران مکڻ 6_ طهر ڪرائڻ 7_عقيقه جو ڪجهه حضور پاڙي وارن کي کارائڻ

شادي ڪرڻ رسول الله ص جي سنت آهي پاڻ سڳورن فرمايوآهي ته پنهنجي عورتن کي پيار ڏيو جو اهو نبين جي سنت آهي ۽ فرمايو اٿائون: الله سائين عورتن کي اوهان لاءِ سڪون جو سبب قرار ڏنو آهي،توهان مان سڀني وڌيڪ بهتر اهي آهن جيڪي پنهنجي عورتن سان سٺو سلوڪ ڪن

اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جون ٻيون به ڪيتريون ئي سنتون آهن جن کي اسان ڪنهن ٻئي فرصت ۾ بيان ڪنداسين ،الله تبارڪ وتعالى اسان کي انهن سنت تي عمل ڪرڻ توفيق عنايت فرمائي

اللهم صل على محمد وآل محمدوعجل فرجهم

 

حوالا

هن مقالي استعمال ٿيل تمام حديثون علامه محمد حسين طباطبائيءَ جي مشهور ڪتاب سنن النبي مان ورتيون ويون آهن



[1]_ القلم/4

[2]_احزاب /22

[3]_ تفسير القرآن الکريم (صدرا) ج‏6ص 285