Get Adobe Flash player

سبق چوٿون: پاڪ شيون ڪيئن نجس ٿين ٿيون؟

گذريل سبق ۾ بيان ٿيو ته دنيا ۾ ڪجھ شين کانسواء سڀ شيون پاڪ آهن، پر اهو ممڪن آهي ته پاڪ شيون به نجس شين سان ملڻ ڪري نجس ٿي وڃن، ۽ اهو ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن اهي ٻئي شيون (پاڪ ۽ نجس) آليون هجن ۽ انهن مان ڪنهن هڪ جي آلاڻ ٻي شيءِ ۾ منتقل ٿئي.

1‑ جيڪڏهن هڪ پاڪ شيءِ ڪنهن نجس شيءِ سان ملي وڃي ۽ انهن ٻنهي مان هڪ شيءِ اهڙيءَ ريت آلي هجي جو ان جي آلاڻ ٻي شيءِ ۾ منتقل ٿي وڃي، ته ان صورت ۾ پاڪ شيءِ نجس ٿي ويندي .

2‑ هيٺين صورتن ۾ ڪنهن مشڪوڪ شيءِ جي پاڪيءَ جو حڪم لڳايو ويندو:

1. پاڪ ۽ نجس شين جو پاڻ ۾ ملڻ معلوم نه هجي.

2. پاڪ ۽ نجس شين جو آلو هجڻ معلوم نه هجي .

3. اهو معلوم نه هجي ته هڪ شيءِ جي آلاڻ ٻي شيءِ ۾ سرايت ڪري (پهچي وئي )هئي يا نه .

ڪجھه مسئلا :

1‑ جيڪڏهن انسان نه ڄاڻيندو هجي ته پاڪ شيءِ نجس ٿي وئي آهي يا نه ؟ ته اها شيءِ پاڪ آهي ، تحقيق ۽ ڳولها ڪرڻ ضروري نه آهي ، ڀلي پوءِ ڇونه تحقيق ۽ جستجو ڪرڻ سان ان شيءِ جو پاڪ هئڻ يا نجس هئڻ معلوم ٿي ويندو هجي .

2‑ نجس شيءِ جو کائڻ يا پيئڻ حرام آهي .

3‑ جيڪڏهن ڪوئي شخص، ڪنهن کي نجس شيءِ کائيندي ڏسي ، يا نجس ڪپڙن ۾ نماز پڙهندو ڏسي ته ان کي ٻڌائڻ ضروري نه آهي .

مطهرات (پاڪ ڪرڻ واريون شيون)

سوال :نجس شيون ڪيئن پاڪ ٿين ٿيون؟

جواب :تمام نجس شيون پاڪ ٿي وينديون آهن ۽ پاڪ ڪرڻ وارين شين۾ هيٺيون شيون اهم آهن :

1‑ پاڻي

2‑ زمين

3‑ سج

4‑ اسلام

5‑ نجاست جو زائل ٿي وڃڻ

1‑ پاڻي

پاڻي ڪيترن ئي نجس شين کي پاڪ ڪري ٿو،ليڪن پاڻيءَ جا مختلف قسم آهن جن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان مربوطه مسئلن کي ياد ڪرڻ ۾ اسان کي مدد ملي ٿي.

پاڻي جا قسم :

1‑ مضاف 2‑ مطلق

1_مضاف پاڻي:

مضاف ان پاڻي کي چئبو آهي جيڪو ڪنهن شيءِمان ورتو ويو هجي (جيئن صوف جو پاڻي يا ڪنهن ٻئي ميوي جو جوس وغيره ) يا ڪهن ٻي شيءِ سان ايئن ملي ويو هجي جو ان کي پاڻي نه چيو وڃي، جيئن شربت وغيره .

مضاف پاڻيءَ جا احڪام:

1‑ مضاف پاڻي نجس شيءِ کي پاڪ نه ڪندو آهي(يعني مطهرات مان نه آهي)

2‑ مضاف پاڻي نجاست جي ملڻ سان نجس ٿي ويندو آهي، ڀلي پوءِ اها نجاست ٿوري هجي يا گھڻي ،ان سان پاڻي جو رنگ ،بو۽ ذائقو تبديل ٿيو هجي يا نه .

3‑ مضاف پاڻي سان وضو ۽ غسل ڪرڻ باطل آهي.

2_ مطلق پاڻي: اهو پاڻي جيڪو مضاف نه هجي ،ان کي مطلق پاڻي چئبو آهي، مطلق پاڻي کي خالص پاڻي پڻ سڏيندا آهن.

مطلق پاڻي جا قسم:

1‑کوهه جو پاڻي

2‑ جاري پاڻي

3‑ برسات جو پاڻي

4‑ بيٺل پاڻي

بيٺل پاڻي جا قسم آهن:

1‑ ڪر پاڻي

2‑ قليل پاڻي

3_ڪثير پاڻي

مطلق پاڻيءَ جي قسمن جي وضاحت:

پاڻي يا زمين مان نڪرندو آهي ،يا آسمان مان وسندو آهي يا وري نه زمين مان نڪري ٿو نه وري آسمان مان.

آسمان کان وسڻ واري پاڻي کي ”برسات جو پاڻي“ چوندا آهن ۽ زمين مان نڪرڻ وارو پاڻي جيڪڏهن وهندڙ هجي ته ان کي ”جاري پاڻي“،۽ جيڪڏهن بيٺل هجي ته ان کي کوهه جو پاڻي چوندا آهن.

اهو پاڻي جيڪو نه زمين مان نڪرندو هجي ۽ نه وري آسمان مان وسندوهجي ان کي ”بيٺل پاڻي“ چوندا آهن.

بيٺل پاڻي جيڪڏهن ان مقدار ۾ هجي جنهن جو ذڪر هيٺ بيان ٿيل آهي ،ان کي ”ڪر پاڻي“ سڏبو آهي، پر جيڪڏهن پاڻي ان مقدار کان گھٽ هجي ان کي ”قليل پاڻي“ سڏبو آهي.

ڪر پاڻيءَ جو مقدار:

1‑ جنهن پاڻيءَ جو حجم جي 875/42 گراٺ هم چورس هجي ته اهو پاڻي ڪر آهي يعني هي پاڻي جو اهو مقدار آهي جيڪو جيڪڏهن هڪ اهڙي ٿانو ۾ ڀرجي جنهن جي ڊيگھ،ويڪر ۽ اونهائي هر هڪ ساڍا ٽي گراٺ هجي ته اهو ”ڪر“ آهي.

2‑ وزن جي حساب سان 419/377 ڪلو گرام پاڻي ”ڪر“ آهي.

قليل پاڻي جي مقدار: جيڪو پاڻي مقدار ۾ ڪر کان گھٽ هجي ان کي قليل پاڻي چوندا آهن.

صرف مطلق پاڻي ئي نجاستن کي پاڪ ڪري سگھي ٿو. ۽ مضاف پاڻي ڪنهن گندي شيءِ کي صاف ته ڪري سگھي ٿو پر ڪنهن نجس شيءِ کي هرگز پاڪ نٿو ڪري سگھي.

ايندڙ سبق ۾ اسان مطلق پاڻي جي احڪام ان سان پاڪ ڪرڻ جي طريقن کان آگاه ٿينداسين.

سبق:4 جو خلاصو

1ـ مطهرات،هر نجس شيءِ کي پاڪ ڪن ٿا، يعني ڪا به اهڙي نجس شيءِ نه آهي جنهن کي پاڪ نه ڪري سگھجي.

2ـ اهم مطهرات مان مراد:پاڻي زمين، سج،اسلام ۽ نجاست جو زائل ٿيڻ آهي.

3ـ جيڪو پاڻي مطهرات مان آهي ۽ اهو مطلق پاڻي آهي نه مضاف.

4ـ جيڪو پاڻي زمين مان نڪري وهندو هجي ان کي ”جاري پاڻي“ چوندا آهن۽ جيڪو پاڻي زمين مان نڪري وهندو نه هجي ان کي ”کوهه جو پاڻي“ چوندا آهن.

وري جيڪو پاڻي نه زمين مان نڪرندو هجي نه آسمان مان وسندو هجي ان کي بيٺل پاڻي چوندا آهن، بيٺل پاڻي جيڪڏهن گھڻو وڌيڪ هجي ته ان کي ”ڪر“ ۽جيڪڏهن گهٽ مقدار ۾ هجي ته ان کي ”قليل پاڻي“ چوندا آهن.

5ـ جيڪڏهن پاڻي جو وزن 419/377 ڪلو گرام تائين پهچي وڃي ته اهو ”ڪر“ آهي.

سوالات؟

1ـ مطلق ۽ مضاف پاڻي ۾ ڪهرو فرق آهي؟

2ـ جاري ۽ کوھ جي پاڻيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

3ـ جنهن پاڻيءَ جي حوض جي ڊيگھ 25 گراٺ،ويڪر 5 گراٺ ۽ اونهائي هڪ گراٺ هجي، حساب ڪري ٻڌايو ته اهو ڪر جو پاڻي آهي يا نه؟

4ـ هڪ شخص جا آلا پير نجس گلم تي لڳي ويا آهن، پر هو نٿو ڄاڻي ته هن جي پيرن جي رطوبت گلم ۾سرايت ڪئي آهي يا نه،ٻڌايو ته هن جا پير نجس ٿيا يا نه؟