Get Adobe Flash player

پيدائش

حضرت آية الله العظمى شيخ محمد تقي بهجت (P) سن 1334 هجريءَ جي آخر ۾ ايران جي”فومن “ نالي شهر ۾ جيڪو ”گيلان “صوبي ۾ واقع آهي هڪ ديندار ،با ايمان ۽ با تقوا گهراڻي ۾ پيدا ٿيا.سندن والد هڪ متقي پرهيزگار ۽ نهايت ايماندار انسان هئو .حضرت آية الله العظمى شيخ محمد تقي بهجت جي عمر اڃا 16 مهينا ئي مس ٿي هئي جو سندن والده جو انتقال ٿي ويو .ائين کين ننڍپڻ ۾ ئي يتيميءَ جو داغ سهڻو پيو.

تعليم و تربيت

حضرت آية الله العظمى شيخ محمد تقي بهجت (P) حوزوي تعليم جي ابتدا پنهنجي آبائي شهر ”فومن “جي هڪ مدرسي مان ڪئي جتي پاڻ عربي ادب۽ زبان تي عبور حاصل ڪرڻ کانپوءِ سن 1348 هجريءَ ڌاري 14 سالن جي عمر ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عراق جا راهي ٿيا تقريباً 4 سالن تائين ڪربلا معلى ۾ رهڻ دوران پاڻ ڪربلا ۾ موجود مشهورعالمن جي وجود کان بهره مند ٿيندا رهيا ۽ علم پرائيندا رهيا انهن عالمن ۾ مرحوم شيخ ابوالقاسم خويي (هي بزرگوار آيت الله العظمى خويي کان علاوه آهن) اهم آهن.


 

نجف اشرف ڏانهن هجرت ڏانهن هجرت

سن 1352 هجريءَ ڌاري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ نجف اشرف هجرت ڪيائون ۽ اتي جي مشهور عالمن جي درسن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳا. نجف اشرف ۾ پاڻ ”فقه“ ۾سڀني کان وڌيڪ مرحوم شيخ محمد ڪاظم شيرازي کان ــــ جيڪو مرحوم ميرزا محمد تقي شيراي جي تمام هوشيار شاگردن ۽حوزه علميه نجف اشرف جي مشهور عالمن مان هڪ هئوــــ فيض ورتو جڏهن ته ”اصول فقه“ ۾ مرحوم ميرزا نائيني ،مرحوم آغا شيخ محمد حسين ڪمپاني اصفهاني، شيخ مرتضى طالقاني (ره) ۽ مرحوم آغا ضياء عراقي کان بهره مند ٿيا جڏهن ته فلسفي ۽ عقلي علمن ۾” آيت الله سيد حسين بادڪوبه“ اي وٽ ڪتاب (الاشارات والتنبيهات) و (اسفار) پڙهيا ان کان علاوهه عرفان ۾ مرحوم آقا علي قاضي، اخلاق ۾ پڻ مرحوم آقا علي قاضي مرحوم شيخ محمد حسين ڪمپاني اصفهاني ۽ آغا سيد عبدالغفار جي درس اخلاق ۾ شرڪت ڪيائون ۽ فيض ورتائون.

حوزه علميه نجف ۾ پاڻ پڙهڻ سان گڏ حوزه جي ڪجهه وڏين ڪلاسن کي پڙهائڻ به شروع ڪري جيڪو سلسلو سندن ايران ورڻ کان بعد به جاري رهيو،هن وقت تائين هڪ اندازي مطابق سندن درس خارج جي تدريس کي 40 سالن جو عرصو ٿي چڪو آهي البته آغا صاحب شهرت کان بچڻ خاطر عمومي جاين تي تدريس ڪرڻ کان لنوائيدا رهيا آهن.

نجف اشرف ۾ تحصيل علم دوران تدريس کان علاوهه مفاتيح الجنان جي مصنف،عظيم محدث آغا شيخ عباس قمي (رح) کي سندن گران بها ڪتاب (سفينة‏البحار) جي لکرائڻ ۾ مدد ڪندا رهيا آهن .

ايران ڏانهن واپسي

سن 1363هجريءَ ۾ پاڻ نجف اشرف مان پنهنجي آبائي شهر ”فومن“ ۾ موٽي آيا ۽ پنهنجي ازدواجي زندگيءَ جو آغاز ڪيائون

قم ۾ رهائش

ڪجهه مهينا فومن ۾ رهڻ کان پوءَ وري نجف وڃڻ جي ارادي سان پنهنجي وطن کي ترڪ ڪيائون جڏهن قم جي نزديڪ ٿيا ته سائنڻ معصومه سلام الله عليها جي زيارت جي ارادي سان قم ۾ وارد ٿيا جڏهن ته ان زماني ۾ حضرت آيت الله بروجردي (R)پڻ تازو قم ڏانهن هجرت ڪري آيا هئا.،آغا بهجت (R) مختصر مدت لاءِ قم ۾ رهي پيا،ليڪن ڪجهه ڏينهن دوران ئي جڏهن کين حوزه علميه نجف ۾ موجود سندن استادن جي وفات جي خبر پئي ته هميشه لاءِ قم ۾رهي پيا ۽ اتي حضرت آيت الله العظمى حجت ڪوه ڪمريR۽ حضرت آيت الله بروجردي (R) جي درس ۾ وڃڻ شروع ڪيائون۽جلد ئي پنهنجي نبوغ ،ذهانت۽علمي پختگيءَ جي ڪري انهن ٻنهي بزرگن جي ممتاز شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳا،

قم ۾ اچڻ کانپوءِ پاڻ پنهنجي تدريس کي پڻ جاري رکيائون جيڪو ڪم سندن زندگيءَ جي ڏهاڙن تائين جاري رهيو، سندن درس پهريان ڪجهه مدرسن ۾ پوءِ سندن ذاتي گهر۾ جڏهن ته ان کانپوءِ مستقل طور تي مسجد فاطميه ۾ ٿيندو رهيو جتي هزارن جي تعداد ۾ شاگردن علم پرايو۽ سندن علمي ۽ اخلاقي ،عرفاني فيض مان بهره مند ٿيا،

مرجعيت جو اعلان

ڪجهه سال پهريان جڏهن ”جامعه مدرسين حوزه علميه قم“ جي طرفان ست مسلمه مجتهدن جي مرجعيت جو اعلان ڪيو ويو ته انهن مان هڪ حضرت آيت الله بهجت (R) به هئا ليڪن مرجعيت جي اعلان ٿيڻ کان پوءِ به سندن زندگيءَ ۾ ڪوبه فرق نه آيو ۽ پاڻ سادگيءَ سان زندگي گذارڻ کي هميشه وانگر ترجيح ڏنائون۽ شهرت کان بچڻ خاطر ڪيتري ئي مدت تائين شديد اصرار جي باوجود سندن رسالو(توضيح المسائل) منظر عام تي نه آيو .

سندن ڪجهه صفتن تي هڪ نظر

جيڪڏهن ڪير هڪ دفعو سندن وجود تي غور ڪندو ته کيس هزارين نه تب سوين صفتون هن عالم ربانيءَ جي وجود ۾ مجسم نظر اينديون اسان سندن انهن عظيم صفتن مان چند صفتن کي بطور مثال هتي بيان ڪيون ٿا ته جيئن سندن شخصيت جا مختلف پهلوءَ سامهون اچي سگهن

1. تقوا ۽ پرهيزگاري

سندن تقوِا ۽پرهيز گاري اڄ شهره هر عام و خاص آهي شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جنهن سندن نالو ٻڌو هجي۽ سندن تقوا۽ پرهيزگاريءَ کان واقف نه هجي ڪنهن عالم سندن تقوا جي باري۾ ڪيڏو سهڻو جملو چيو آهي ته ”سندن باري۾ نه ٿو چئي سگهجي ته متقي۽ پرهيزگار آهن ڇو هو پاڻ عين تقوا۽مجسمه تقوا آهن“

2. زهد ۽ سادگي

دنيا جي ڳيجهن جي برخلاف جيڪي هميشه دنيا جي طمع ۾ رهندا آهن الله سائينءَ جي دوستن هميشه دنيا کان پاسو ڪيو آهي۽دنياوي لذتن کي آخرت جي نعمتن ۽ الله سائين سان بي پناهه چاهتن تي قربان ڪيو آهي،ان ڪري ئي الله وارن هميشه سادگيءَ سان زندگي گذاريندي زهد کي پيشو ڪندا آهن۽دنيا جي رکَ رکاوَ۽ ظاهري ڏيکاوَ کان پرهيز ڪندا رهندا آهن

حضرت آية الله العظمى بهجت Rپڻ دنيا کي ڇڏي الله سائينءَ جي عرفان جي رنگ ۾ پاڻ کي اهڙو ته رڱيائون جو هن وقت عارفن جي لسٽ ۾ سندن نالو سڀ کان پهريان ورتو وڃي ٿوسندن سادگي ۽ زهد کي بيان ڪندي سندن هڪ شاگرد حجة الاسلام شيخ مصباح يزدي چون ٿا

” آغا صاحب شروع ۾ مدرسه حجتيہ جي ڀرسان هڪ ڪرائي جي گهر ۾ رهندا هئا جنهن کي بعد ۾ مَٽائي چهار مردان واري علائقي ۾ گهر ورتائون جنهن پڻ فقط ٻه ڪمرا آهن جن مان هڪ ڪمري ۾ پڻ وچان پردو لڳل آهي جنهن جي هڪ حصي ۾ اسان سائينءَ سان ملندا هئاسون، اتي ڪئين سالن جا پراڻا قالين وڇايل آهن،

سندن گهر ۾ جڳهه نه هڻڻ ڪري سندن مجلسن ۽محفلن جا اڪثر پروگرام مسجد فاطميه ۾ٿيندا آهن“

3. عبادت

حضرت آية الله العظمى بهجت Rجي ڪاميابيءَ جوهڪ راز سندن عبادت پڻ آهي سائين جن هميشه الله سائينءَ جي عبادت ۾ مشغول رهندا هئا ڪڏهن نماز ته ڪڏهن ذڪر ڪڏهن نصيحت ته ڪڏهن راهنمائي ائين کڻي چئون ته جنهن به جڏهن به سائينءَ کي ڏٺو ٿي کين اهڙو ته عبادت ۾ مشغول پاتو،جو کين ڏسي ڪري هر ماڻهوءَ کي بي اختيار الله سائينءَ جي عبادت جو شوق پيدا ٿيندو هو

شايد سندن مسلسل عبادت جو ئي نتيجو هو جو کين الله سائين طرفان سندن عبادت ۾ هڪ دائمي لذت جوثمر ڏنو ويو جو فقط سندن نماز ۾ شرڪت خاطر ماڻهو سوين ميل پنڌ ڪري مسجد فاطميه ۾ اچي حاضر ٿيندا هئا ته جيئن سندن امامت ۾ ٻه رڪعتون نماز پڙهن ۽روحاني سڪون حاصل ڪن،ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جن جو چوڻ آهي ته اسان جون کوڙ ساريون حاجتون آغا صاحب جي نماز ۾ وڃڻ سان حل ٿيون آهن.

سندن عبادت جو هڪ نمونو سندن زيارتون پڙهڻ ۽ ائمه معصومينGسان توسل ڪرڻ به آهي ڪربلا ۾ امام حسين D ۽غازي عباس D جي روضي جي زيارت ڪرڻ نجف ۾ مولاعلي D جي زيارت ڪرڻ ،امام زمانه عجل الله فرجه جي زيارت جي شوق ۾ مسجد سهله ۾ وڃي ڪري عبادت ڪرڻ ۽ قم هر روز سائنڻ معصومه سلام الله عليها جي زيارت ڪرڻ سندن عبادت جو هڪ املهه نمونو آهي

4. سير و سلوڪ ۽ عرفان

اسان پهريائين ٻڌائي چڪا آهيون ته حضرت آية الله العظمى بهجت Rجو عرفان ۾ استاد حضرت آيت الله سيد علي قاضي جن هئا جيڪي علم عرفان ۾ پنهنجي زماني شهره آفاق هئا جن کان آغا صاحب پنهنجي نوجوانيءَ جي ڏينهن ۾ سير وسلوڪ سکيو ۽ عرفان جي درياءَ ۾ غوطه ور ٿيا ۽ پوءِ ايتري ته هن فن ۾ ترقي ڪيائون جو هڪ ماهر استاد بڻجي هزارين ماڻهن جي تربيت ڪيائون،سون جي راهنمائي ڪيائون ته ڪيترن ئي ڀٽڪيل کي سڌي را هه تي لاتائون.

پاڻ ماڻهن کي پنهنجي ڪردار ذريعي اهو سمجهايائون ته طريقت ۽ حقيقت تائين پهچڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ کانسواءِ ممڪن ناهي ۽ شريعت تي عمل ڪرڻ کان بغير حقيقي عرفان تائين پهچڻ جو خيال هڪ ”سراب “ آهي.

سندن عرفان جي حد بيان ڪندي ڪجهه عالمن جو چوڻ آهي ته سائينءَ جن ايتري قدر ته ڄاڻيندا هئا جو ماڻهوءَ کي ڏسي سمجهي ويندا هئا اهو ڪهڙي ڪم لاءِ مون وٽ آيو آهي؟ پر شهرت جي خوف کان زبان تي نه آڻيندا هئا. سائين جا ڪيترائي ارادتمند سندن باري ۾ ڪيتريون ڪرامتون ذڪر ڪيون آهن جن کي بيان ڪرڻ جي هتي گنجائش ناهي

5. ادب,اخلاق ۽ تواضع

ميوه دار وڻ ۽ بي ثمر وڻ جو فرق اهو آهي ته ميوه دار وڻ ۾ جئين جيئن ڦل وڌندو ويندو آهي سو تيئن تيئن سندس ٽاريون جهڪنديون وينديون آهن،جڏهن ته بي ثمر وڻ جون ٽاريون جيئن پوءِ تيئن اڀيون ٿينديون وينديون آهن

با عمل عالم جو علم جيئن جيئن وڌندو ويندو آهي تيئَن تيئَن سندس ادب اخلاق نياز نوڙت ۾ پڻ واڌارو ايندو آهي جڏهن ته جاهل انسان جي جهالت جيتري وڌيڪ هوندي آهي سندس هٺ ۽ وڏائي تڪبر۽ٻيائيءَ ۾ پڻ اوترو ئي اضافو ٿيندو رهندو آهي.

حضرت آية الله العظمى بهجت R جن جو شمار انهن عالمن جي فهرست م ٿئي ٿوجن پنهنجي ادب ۽ اخلاق ۽نياز ونوڙت وسيلي هردوست ۽ دشمن کي پنهنجو ڪري ڇڏيو، هر ڪو سندن مخالفت بدران کين پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش ۾ هوندو هئو ته سائين جن اسان سان گڏ آهن.

سوچ ويچار کان پوءِ لفظ ٻاهر ڪڍڻ، هر ننڍي وڏي جي ڳالهه کي ڌيان سان ٻڌڻ ، پاڻ وڏن عالمن جو احترام ڪرڻ، تڪبر۽ وڏائيءَ کان پاسو ڪرڻ، ٻين جي حقن جو خاص خيال رکڻ ٻارن سان شفقت ۽ مهربانيءَ سان پيش اچڻ، پاڻ کي ٻين کان گهٽ سمجهڻ خودپسندي۽ پاڻ وڻائڻ کان اجتناب ڪرڻ ...........وغيره سندن ادب۽ اخلاق جا اعلى مثال آهن

حضرت آية الله العظمى بهجت R جي دين ۽ مذهب لاءِ ٿيل بيشمار خدمتن ۾ هڪ سندن طرفان لکيل ڪتاب آهن اسان مختصر طور تي سندن اهم تاليفات ڏانهن اشارو ڪيون ٿا.

هن وقت تائين شايع ٿيل ڪتاب

توضيح المسائل ( فارسي و عربي )

مناسک حج

وسيله النجاة

جامع المسائل

هن وقت تائين شايع نه ٿيل ڪتاب

ڪتاب صلوة جلد پهريون

دوره اصول جلد پهريون

تعليقه بر مناسک شيخ انصاري

بقيه مجلّدات دوره اصول

حاشيه بر مکاسب شيخ انصاري

دوره طهارت

بقيه مجلّدات دوره کتاب الصلوة

ان کان علاوه سائين جن شيخ عباس قمي کي ڪتاب سفينة البحار لکڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي

حضرت آيت الله العظمي بهجت R جا شاگرد

حضرت آية الله العظمى بهجت R کان جي شاگردن ڪسب فيض ڪيوتن مان ڪيترن ئي جو جو شمارهن وقت جي اهم عالمن جي فهرست م ٿئي ٿواسان سائينءَ جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪندڙ اهم عالمن کي هتي ذڪر ڪيون ٿا

1. محمد تقي مصباح يزدي. 2. عبدالمجيد رشيد پور. 3. سيد مهدي روحاني.

4. علي پهلواني تهراني. 5. مختار امينيان. 6. محمدهادي فقهي. 7. هادي قدس.

8. محمود امجد. 9. محمد ايماني. 10. محمد حسن احمدي فقيه يزدي.

11. محمد حسين احمدي فقيه يزدي. 12- مسعودي خميني 13- سيد رضا خسروشاهي.

14- حسن لاهوتي 15- عزيز علياري 16- سيد محمد مؤمني 17- حسين مفيدي

18- جواد محمد زاده تهراني 19- سيد صابر مازندراني 20- شهيد نمازي شيرازي

وفات

هيءَ دنيا فاني آهي جنهن ۾ ڪير به رهڻو ناهي سڀ نبي سڳورا ۽ اولياءَ الله پنهنجي رب جي عشق ۾ ته هن دنيا تان پهريائين هٿ کڻي ڇڏيندا آهن۽هميشه خالق حقيقي جي سڏ تي لبيڪ چوڻ جي انتظار ۾ رهندا آهن ۽ پوءِ جڏهن کين سڏ ٿئي ٿو ته بي چون چرا راهي الى الحق ٿيندا آهن

حضرت آية الله بهجت R پڻ پنهني خالق حقيقي جي سڏ تي لبيڪ چئي ۽ پنهنجي هزارين عقيدتمندن غمگين ڪري ويا سندن وفات 96 سالن جي عمر ۾ (هن تحرير لکڻ کان ٻه ڏينهن پهريان) يعني آچر جي ڏينهن 22 جمادي الاول1430هجري بمطابق 17 مئي سن 2009ع قم ۾ ٿي . ته جڏهن 24جمادي الاول سن 1430 هجري بمطابق 19 مئي 2009 اڱاري جي ڏينهن سندن پاڪ پيڪر کي ايران ۾ موجود سندن هزارين عقيدتمندن جي همراه مدرسه امام خميني (ره) کان حضرت معصومه سلام الله عليها جي حرم طرف نيو ويو ۽هزارين آلين اکين اڳيان کين حضرت بيبي فاطمه معصومه سلام الله عليها جي پاسي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو خدا تعالى هن پاڪ عالم دين کي ائمه معصومين سان گڏ ڪري ۽ قيامت جي ڏينهن اسان کي ساڻن گڏ محشور فرمائي