Get Adobe Flash player

چون ٿا ته اهو سومر يا آچر جو ڏينهن هيو، رسول گرامي (ص) غمگين هيا، پاڻ سڳورا اميرالموۡمنين جو هٿ پڪڙي ڪري بقيع واري قبرستان طرف روانو ٿيا، اصحاب پڻ سندن پٺيان هيا، جئين ئي نبي پاڪ ص بقيع واري قبرستان پهتا ته پاڻ فرمايائون: السّلامُ عَلَيۡکُمۡ يَا اَهۡلَ الۡقُبُور اِن الدين بَدء غَريبا کَمَا بدء فَطُوبِي لِلغُربَاء [1]

سلام هجي توهان تي اي اهل قبور! ... ان کان پوءِ فرمايائون: منهنجي وڃڻ جا ڏينهن نزديڪ اچي چڪا آهن، ڇو جو جبرائيل پهرين هر سال هڪ دفعو منهنجي لاءِ قرآن کڻي ايندو هو، ليڪن هن سال ٻه دفعه کڻي آيو آهي، ۽ جنهن  جو مطلب منهنجي موت جو خبر آهي جيڪو مونکي ڏنو اٿس، ۽ خدا تعاليٰ مون کي اختيار ڏنو آهي  ته  خزائن عالم ۽ حيات تا قيامت ۽ سندس قربت۽ بهشت جي درميان،هڪ شيءِکي انتخاب ڪيان،مون جوار حق تعالي کي اختيار ڪري ورتو آهي ۽ فاني دنيا کي ڇڏي ڏنو آهي، دنيا، آخرت جي نسبت ائين آهي جو توهان مان ڪو هڪ (شخص) پنهنجي شهادت واري آنڱر کي سمنڊ ۾ وجهي ۽ پوءِ ڏسي ته ڪهڙي شيءِ ڏي موٽي آئي آهي.ان کان بعد حضرت علي ع کي پنهنجون وصيتون (بيان ڪندي) فرمايائون:

 

(اي علي!) تون مونکي غسل ڏجان ۽ تجهيز ڪجان،  فضل بن عباس، منهنجو چاچو عباس، ۽ فرشتا تنهنجي مدد ڪندا...

اربع جي ڏينهن رسول خدا جي حالت سخت خراب ٿي وئي، پيغمبر اسلام (ص) اميرالموۡمنين ۽ حضرت عباس جي سهاري مسجد ۾ تشريف وٺي آيا ۽ منبر تي وڃي ڪري فرمايائون: جنهن به شخص جي مون وٽ ڪا امانت هجي يا مون کان قصاص وٺڻوهجيس ته هو اتي ئي طلب ڪري وٺي جو سڀاڻي قيامت جي ڏينهن آئون عذاب الهي جي طاقت جي نٿو رکان.

هڪڙو شخص اٿي بيٺو ۽ عرض ڪيائين: يا رسول الله(ص)! مون توهان کان هڪ عورت(شادي ڪرائڻ)جي درخواست ڪئي هئي ۽ توهان مون کي عطاء ڪرڻ جو وعدوفرمايو هو، رسول گرامي(ص) فضل بن عباس کي فرمايو ته کيس ٽي اوقيه[2] چاندي ڏي.

 

عڪاشه، رسول خدا(ص) کان قصاص جي درخواست ڪري ٿو

عڪاشه عرض ڪيو: يا رسول الله(ص)! مان جڏهن ننڍو ٻار هيم، ٻارن سان راند کيڏي رهيو هيس، توهان مونکي تازيانو هنيو هو، هاڻ آئون چاهيان ٿو ته توهان کان قصاص وٺان، رسول خدا(ص) بلال کي فرمايو: فاطمه س جي گهر وڃ ۽ منهنجي لٺ کڻي اچ تاڪه عڪاشه مونکان قصاص وٺي، جئين ئي جناب فاطمه ٻڌو ته روئي ڏنائين ۽ فرمايائين: منهنجو بابو غمگين آهي، هو تازياني (جهلڻ) جي طاقت نٿو رکي، عباس چيو: اي عڪاشه! هڪ تازياني جي جڳهه مونکي ڏهه تازيانا هڻي وٺ ڇو جو رسول خدا(ص) ان جي طاقت نٿا رکن، عڪاشه چيو: آئون چاهيان ٿو ته ان کان قصاص وٺان نه ڪنهن ٻئي کان.

بس ”عڪاشه“ تازيانو ورتو ۽ عرض ڪيائين: يا رسول الله(ص)! ان ڏينهن منهنجي پٺي اوگهاڙي هئي، بس رسول خدا(ص) پنهنجي چادر کي پنهنجي ڪلهن تان هٽائي ڪري پنهنجي پٺي کي کولي ڇڏيو،  عڪاشه جئين ئي ڏٺو ته تازياني کي پنهنجي هٿ مان اڇلائي ڏنائين ۽ رسول خدا کي ڀاڪر پائي سندن مُهر نبوت تي بوسا ڏيڻ شروع ڪري ڏنائين ۽ عرض ڪيائين:منهنجون هزار جانيون توهان تي قربان هجن، مون توهان کان ٻڌو آهي ته جيڪو به مُهر نبوت تي بوسو ڏيندو، جهنم جي باهه ان تي حرام ٿي ويندي ۽ منهنجو مقصد پڻ اهو هيو نه قصاص وٺڻ ڇو جو مونکي توهان کان ڪنهن به قسم جو قصاص نه وٺڻو آهي.

هڪ ٻيو شخص اٿي بيٺو ۽ اهائي تقاضا ڪيائين (چاهيائين ته مُهر نبوت تي بوسو ڏي) رسول خدا(ص) فرمايو: سَبقک عکاشة  ، يعني عڪاشه هن فضيلت جي سلسلي ۾ تو کان سبقت حاصل ڪري ويو آهي، جيڪا ڪنهن ٻئي کي نه ملندي، اها دعويٰ ڪرڻ ۽ ان جاءِ تي بوسو ڏيڻ.[3]

رسول خدا(ص) جي وصيتن جو ڪجهه حصو

اميرالموۡمنين حضرت علي فرمائن ٿا: جڏهن سورت اِذَا جَاءَ نَصرُ اللهِ نازل ٿي، رسول خدا(ص) غمگين ٿي ويا ۽ گهر ۾ توقف نه ڪيائين، خميس جي ڏينهن گهر کان ٻاهر آيا،جڏهن ته سندن چهري مبارڪ جو رنگ زرد ۽ پيشاني تي رومال ٻڌل هئو مسجد ۾ منبر تي وڃي ڪري بلال کي فرمايائون: منادي مديني ۾ ندا ڏي ته (ماڻهو) رسول خدا(ص) جون وصيتون ٻڌڻ جي لاءِ مسجد ۾ اچن، ڇو جو هي پيغمبر جون آخري وصيتون آهن،  ماڻهو مسجد جي طرف آيا ۽ مسجد ماڻهن سان ڀرجي وئي، رسول خدا(ص) ٻه دفعه فرمايو: وَسِعُوا لمَن وَراءَکُم وَسِعُوا لمَن وَرَاءَکُم مجلس ۾پنهنجي بعد ۾ اچڻ وارن جي لاءِ جاءِ خالي ڪيو، ان کان بعد پاڻ روئيندڙ اکين سان اٿي بيٺا ۽ فرمايائون: اِنا لِله وَ اِنا اليه رَاجِعُون حمد خدا بجا آندائون ۽ انبياء تي درود موڪليائون، پوءِ پنهنجي وصيتن کي هن ريت شروع ڪيائون:

اَنا مُحمد بن عبد الله... الذي لا نَبِي بَعدِي، ايها النّاس اعلمُوا ان نفسي نعيت وحَان فراقِي من الدُنيا وَ اشتقتُ لِقاء رَبّي فوا حُزنا علي فراق اُمتِي... .

آئون محمد ابن عبد الله آهيان... اهو جنهن کان بعد ۾ ڪو به نبي نه آهي، ڄاڻي وٺو ته منهنجي نفس موت جو خبر ٻڌي ورتي آهي، دنيا کان منهنجي فراق جو وقت اچي ويو آهي ۽ مان پروردگار سان ملاقات جو مشتاق ٿي پيو آهيان، بس ڪيڏو نه غم ۽ اندوهه آهي، جو امت جي جدائي، پيش اچي وئي آهي، مون کان بعد هو ڪيئن هوندا، خدايا سلامت رکجان! سلامت رکجان! منهنجي وصيت کي پنهنجي لاءِ ٻڌو.

خداي متعال قرآن ۾، پنهنجي محڪم ڪتاب ۾ جيڪا شئي حلال آهي ۽ جيڪا شئي حرام آهي توهان جي لاءِ بيان ڪري ڇڏيواٿم، بس ان جي حلال کي حلال ۽ حرم کي حرام سمجهو ۽ سندس مثالن ۽ حڪايتن منجهان عبرت حاصل ڪريو، پوءِ رسول خدا(ص) پنهنجي سر مبارڪ کي آسمان جي طرف بلند ڪري فرمايو:

اَللهُمَّ هَل بَلغتُ؟ ايها النّاس اِيَّاکُم وَ هٰذِه  الاهوَاء الضَّلالَةِ البَعِيدَة مِنَ اللهِ وَ البَعِيدَة مِنَ الجِنَّةِ وَ القَرِیبَة مِنَ النار اَللهُم هَل بَلغتُ؟

 اي منهنجا پروردگار! ڇا مون (پيغام کي) پهچائي ڇڏيو آهي؟ اي انسانو! پنهنجي نفس کي هن هوا و حوس کان جيڪو خدا ۽ بهشت کان گمراهه ڪندڙ ۽ دوزخ جي  باهه جي ويجهو ڪندڙ آهي، پري رکو، پروردگارا! ڇا مون (پيغام کي) پهچائي ڇڏيو آهي؟

اَلله اَلله   فِی دِینِکُم وَ مَا اَتَاکُم . اَلله اَلله   فِی مَا ملکت ایمانکم اطعَمُوهُم مِمَّا تَأکُلونَ وَ اکسوهُم مِمَّا تَکسونَ وَ لا تکلفوهُم مِمَّا لا یطِیقُونَ ... اَللهُم هَل بَلغتُ؟

اي انسانو! ڊڄو خدا جي ڪري، خدا جي ڪري، پنهنجي دين جي باري ۾ ۽ ان شيءِ جي باري ۾ جيڪا توهان کي ڏني وئي آهي، ڊڄو خدا جي ڪري ان شيءِ کان جيڪا مالڪ ٿي وئي توهان جي ايمان جي، يعني (خدا جي) بندن کي ان طعام منجهان کاڌو کارايو جيڪو توهان پاڻ کائو ٿا ک ، ان لباس منجهان پارايو جيڪو توهان پاڻ پائو ٿا، ۽ انهن کي اها تڪليف نه ڏيو جنهن جي هو طاقت نٿا رکن ڇو جو هو پڻ توهان وانگر گوشت، خون جي مخلوق آهن، جيڪو به انهن تي ظلم ڪندو، پوءِ بس قيامت جي ڏينهن آئون ان جو دشمن هوندس ۽ خدا ان تي حاڪم هوندو، خدا جي ڪري ڊڄو. خدا جي ڪري عورتن جي حقن باري ۾، سندن حق مهر ادا ڪيو ۽ انهن تي ظلم ڪرڻ کي جائز نه سمجهو، ڪٿي توهان جون نيڪيون قيامت جي ڏينهن ان جي عوض ضايع نه ٿي وڃن، پروردگارا! ڇا مون (پيغام کي) پهچائي ڇڏيو آهي؟

اَیُّها النَّاس اطِیعُوا ولاة  اُمُورِکُم وَلا تَعصُوهُم ... اَللهُم هَل بَلغتُ؟

اي انسانو! پنهنجي ولين جي يعني پنهنجي امامن جي اطاعت ڪريو ۽ سندن نافرماني نه ڪيو... توهان تي واجب آهي ته منهنجي اهل بيت کي دوست رکو، اهل علم کي ۽ سندن عهد کي نه ٽوڙيو، انهن سان حسد نه ڪيو انهن جي عيب جوئي نه ڪيو، ڇو جو جيڪو به عالمن کي دوست رکي ٿو اهو مونکي دوست رکي ٿو، پروردگارا! ڇا مون (پيغام کي) پهچائي ڇڏيو آهي؟

اَیُّها النَّاس اَدُّوا زَکَاةَ   اَموَالِکُم  ، اَلا وَ  من لَم یزک, فلا صَلاةَ لَهُ وَ لا دِینَ لَهُ وَ لا صَومَ لَهُ وَ لا حَجَّ لَهُ وَ لا جهَادَ لَهُ    اَللهُم هَل بَلغتُ؟

اي انسانو! پنهنجي مال جي زڪوات ادا ڪيو ڇو جو جيڪو به زڪوات ادا نه ڪري، ان جي نماز کي قبول نه ڪيو ويندو، اهڙي طرح سندس روزا، حج ۽ جهاد پڻ قبول ناهي، پروردگارا! ڇا مون (پيغام کي) پهچائي ڇڏيو آهي؟

اَیُّها النَّاس! اِنَّ اللهَ قَد فَرَضَ الحَجَّ عَلی مَن استِطَاعَ   اِلَیهِ سَبِیلاً وَ مَن لَم یَفعل فلیمت علی اَیّ حَال شَا ء یَهُودِیّاً   اَو نَصرانِیّاً   اَو مَجُوسِیّاً... اَللهُم هَل بَلغتُ؟

اي انسانو! خداي متعال حج کي ان شخص تي جيڪو حج تي وڃڻ جي طاقت رکي ٿو واجب ڪيو آهي، ۽ جيڪو شخص استطاعت جي هوندي به حج کي بجا نه آڻي فلیمت علی اَیّ حَال شَا ء یَهُودِیّاً   اَو نَصرانِیّاً   اَو مَجُوسِیّاً  مگر ان جي ته ڪا بيماري مانع ٿي پويس يا ڪو سلطان، ۽ اهڙي شخص کي هرگز منهنجي شفاعت نصيب نه ٿيندي.

َایُّها النَّاس! اِنَّ اللهَ جَامعکُم یَومَ القیمةِ فِی صَعِید وَاحِد فِی مقَام عَظِیم وَ هَول شَدِید، یَوم لا یَنفَعُ مَال وَ لا بَنُون اِلاَّ مَن اَتَی الله بِقَلب سَِیم  اَللهُم هَل بَلغتُ؟

اي انسانو! خداوندمتعال توهان کي جمع ڪرڻ وارو آهي هڪ زمين ۾، وڏي ميدان ۾ ۽ سخت ڊڄ ۾، ان ڏينهن جنهن ڏينهن نه  مال ڪو نفعو ڏيندو ۽ نه ئي وري اولاد، مگر اهو شخص جيڪو قلب سليم (پاڪ روح ) سان خدا وٽ اچي، پروردگارا! ڇا مون (پيغام کي) پهچائي ڇڏيو آهي؟  

ایُّها النَّاس  انی قَادم علی رَبی وَ قَد نعیت اِلی نَفسِی، فَاستودع الله دِینکُم وَ اَمَانَتکُم وَالسَّلامُ عَلَیکُم یَا مَعشر اَصحابِی، وَ عَلی جَمِیع اُمَّتِی وَالسَّلامُ عَلَیکُم وَ رَحمَةُ الله وَ بَرَکَاتُهُ.

اي انسانو! بيشڪ آئون پنهنجي پروردگار جي طرف وڃڻ وارو آهيان ۽ منهنجي نفس کي موت جي خبر ملي چڪي آهي، بس توهان جي دين ۽ امانت کي خدا جي حوالي ڪيان ٿو، منهنجا سلام هجن توهان سڀني صحابين تي ۽ منهنجي تمام امت تي... رسول اڪرم(ص) منبر تان لٿا ۽ گهر ڏانهن هليا ويا.[4]

زندگي جا آخري شُعلا

اضطراب ۽ غم و اندوهه سڄي مديني ۾ پکڙيل هيو، پيغمبر اسلام(ص)  جا ساٿي لُڙڪ هاريندڙ اکين ۽ غمزدهه دلين سان رسول خدا(ص) جي گهر جي چوڌاري جمع ٿيل هئا ته جيئن پيغمبر خدا جي بيماري جي نتيجه کان آگاهه ٿي سگهن، جيڪي خبرون گهر جي اندران ٻاهر اچن پيون اهي رسول خدا(ص) جي طبيعت جي وڌيڪ خراب هجڻ جي باري ۾ حڪايت ڪن پيون ۽ هر قسم جي اميد جي شمع گُل ٿيندي نظر پئي اچي ۽ ۽ اندازو اهو پئي ٿيو ته   سندن زندگي جا ڪجهه ڪلاڪ  ئي وڃي باقي رهيا آهن.

پاڻ سڳورن جي صحابين جو هڪ گروهه چاهي پيو ته ويجهو وڃي ڪري سندن زيارت کان مشرف ٿئي ليڪن نبي سڳوري جي طبيعت اجازت نه پئي ڏي، جنهن ڪمري ۾ رسول خدا جو بستر وڇايل هيو ان ۾ فقط سندن اهل بيت اچن ۽ وڃن پيا.

پيغمبر خدا جي تنها يادگار حضرت فاطمه  س پنهنجي بابا وٽ تشريف فرما هئي، سندن نوراني چهري جو نظارو پئي ڪري ۽ ڏسي پئي ته موت جو پسينو مُرواريد جي موتين وانگر بابا جي پيشاني ۽ صورت تان سرازير ٿي رهيو آهي، بي بي زهرا روئيندڙ اکين سان هي شعر، جنهن کي حضرت ابوطالب، رسول خدا ( ص) جي باري ۾ چيو هو پڙهي پئي ۽ چوي پئي:

وَ أَبْيَضُ يُسْتَسْقَى الْغَمَامُ بِوَجْهِهِ                   ثِمَالُ الْيَتَامَى عِصْمَةٌ لِلْأَرَامِل

اهو نوراني چهرو، جنهن جي احترام ۾ جهڙن منجهان مينهن وسي پوندو آهي، اها شخصيت، جيڪا يتيمن جي پناهگاهه ۽ بيوهه عورتن جي نگهبان آهي.

ان وقت رسول خدا (ص) پنهنجون اکيون کوليون ۽ آهسته آواز ۾ پنهنجي ڌي فاطمه  س کي فرمايائون: هي اهو شعر آهي جنهن کي ابو طالب منهنجي باري ۾ چيو هيو ليڪن بهتر آهي ته هن جي جاءِ تي هن آيت جي تلاوت ڪر:

وَ مَا محُمَّدٌ  إِلَّا رَسُولٌ  قَدْ  خَلَتْ مِن قَبْلِهِ  الرُّسُلُ  أَ فَإِيْن مَّاتَ أَوْ قُتِلَ انقَلَبْتُمْ عَلىَ أَعْقَابِكُمْ  وَ مَن  يَنقَلِبْ عَلىَ‏ عَقِبَيْهِ  فَلَن  يَضرُّ َ اللَّهَ  شَيْا.[5]

۽ محمد ( ص) الله جو) پيغمبر آھي، بيشڪ اُن کان اڳ ڪيترا پيغمبر گذري ويا، پوءِ جيڪڏھن (اُھو) مري وڃي يا قتل ٿئي وڃي ته (اوھين) پنھنجين کڙين ڀَر پوئتي ڦرندؤ ڇا؟ ۽ جيڪو پنھنجين کڙين ڀَر پوئتي ڦرندو سو الله کي ڪجھ نقصان ڪين  پهچائيندو.[6]

پيغمبر اڪرم جي پنهنجي ڌي بيبي فاطمه س سان گفتگو

تجربي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته عام ڪري وڏين شخصيتن ۾ گهڻين مصروفيتن جي هجڻ ڪري پنهنجي اولاد جي نسبت محبت گهٽ هوندي آهي، ڇو جو سندن وڏا هدف ۽ جهاني فڪرون انهن کي اهڙي طرح پاڻ ڏي مشغول ڪري وٺن اولاد ڏانهن  توجه  گهٽجي وڃرن ٿو ليڪن معنوي ۽ روحاني بزرگ شخصيتون هن قاعدي کان جدا آهن، هو پنهنجا وڏا اهداف ۽ مصروفيتن هجڻ جي باوجود به اهڙي وسيع روح جا مالڪ هوندا آهن جو دنيا جا ڪم ۽ ڪار کين اولاد سان محبت جهڙي الهي وظيفي کان غافل نٿا ڪري سگهن.

پيغمبر اسلام (ص) جو پنهنجي ڌي سان پيار۽ محبت عواطف انساني جي عالي ترين تجلي منجهان هيو ايسيتائين جو ڪڏهن به سندن ڌي کان وداع ڪرڻ جي بغير سفر تي نه ويندا هئا ۽ موٽڻ وقت به سڀ کان پهريان فاطمه جي گهر ويندا هئا، پنهنجي گهروارين جي مقابلي ۾ سندس احترام جي سلسلي ۾ خاص اهتمام ڪندا هئا ۽ پنهنجي صحابين کي فرمائيندا هئا: ”فاطمه منهنجي جسم جو ٽڪڙو آهي،جنهن ان کي ناراض ڪيو ڄڻ ته هن مون کي ناراض ڪيو“ [7] فاطمه جو ديدار، کين ڪائنات جي پاڪترين هستي حضرت خديجه جي ياد ڏياريندو هو، جنهن رسول خدا (ص) جي مقدس هدف جي راهه ۾ پنهنجي جان نثار ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي تمام مال ۽ دولت کي هن راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏيو.

جيترا ڏينهن رسول خدا بستر بيماري تي رهيا، فاطمه سندن بستر جي ڪناري موجود رهي ۽ هڪ لحظي لاءِ به پنهنجي بابا کان پري نه ويندي هئي، رسول خدا فاطمه کي اشاري سان فرمايو ته آئون تو سان ڪجهه ڳالهائڻ چاهيان ٿو، بي بي ٿورو جهڪي ڪري پنهنجي سر مبارڪ کي بابا جي ويجهي اندو ۽ آهسته آهسته ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنائون، اتي موجود ٻيا  ماڻهو سندن گفتگوءَ کان آگاهه نه ٿي سگهيا، جڏهن رسول خدا (ص) ڳالهائي بس ڪيو ته فاطمه ڏاڍو رُني ۽ ڳوڙهن جو سيلاب سندس اکين مان جاري ٿي پيو، ليڪن فورا ئي نبي سائينءَ وري  فاطمه کي اشارو ڪيو ۽ آهسته آواز ۾ ان سان ڪجهه ڳالهيون ڪيائون، هن دفعي جو فاطمه س پنهنجو سر مٿي کنيو ته سندس چهري تي تبسم ۽ مسڪراهٽ هئي، ڏسڻ وارا اهي ٻئي حالتون ڏسي ڪري حيران رهجي ويا ۽ چاهيائون ته رسول خدا (ص) جي نياڻيءَ کان انهن ٻنهي مختلف حالتن جي حقيقت پڇا ڪن ۽علت معلوم ڪري سگهن، (پر) جناب زهرا فرمايو: بابا هن وقت اهو راز ٻڌائڻ کان روڪيو آهي.

رسول خدا جي رحلت کان پوءِ ”بيبي عائشه“ جي گهڻي اصرار تي جناب سيده انهن کي هن حقيقت کان آگاهه ڪري ڇڏيو ۽ بي بي فرمايو: منهنجي بابا، پهرين دفعي پنهنجي موت جي باري ۾ خبر ڏني ته آئون هن بيماري کان اٿي نه سگهندس، بس ان ڪري ئي مون گريو ڪيو ليڪن ٻي دفعي مونکي فرمايائون: منهنجي اهل بيت منجهان سڀ کان پهريان جيڪو شخص مون سان اچي ملندو اهو تون آهين، هن خبر مون کي خوشحال ڪري ڇڏيو ۽ آئون سمجهي ويس ته بس ٿوري عرصي کان پوءِ آئون پنهنجي بابا سان وڃي گڏبس.[8]

رسول خدا جي آخري سفارش

رسول خدا (ص) پنهنجي بيماري وارن ڏهاڙن ۾ واجبات ۽ فرائض جي انجام ڏيڻ کي گهڻي اهميت ڏيندا هئا، ۽ پنهنجي بيماري جي آخري ڏينهن ۾ نماز ۽ غلامن جي حال جي رعايت جي باري ۾ گهڻي سفارش ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: غلامن سان نيڪي سان پيش اچو، سندن خوراڪ ۽ لباس جي باري ۾ دقت ڪيو، انهن سان نرميءَ سان گفتگو ڪيو ... . جابر بن عبدالله انصاري کان روايت آهي ته ”ڪعب احبار“اسان حضرت عمر وٽ ويٺا هئا سين ۽ ان کان پڇيو سين ته پيغمبر اسلام (ص) سقرات جي حالت ۾ ڇا فرمايو هو؟ عمر چيو: علي ع کان پڇا ڪر، احبار جي پڇڻ تي  امام فرمايو: رسول خدا در منهنجي سيني تي ٽيڪ ڏئي ڪري ويٺا هئا ۽ پنهنجي سر مبارڪ کي منهنجي ڪلهي تي رکي ڪري فرمايائون:” الصلاة الصلاة [9]

علي کي سڏ ڪري اچو

رسول خدا (ص) پنهنجي زندگي جي آخري لحظن ۾ پنهنجي اکين کي کولي ڪري فرمايائون: منهنجي ڀاءُ کي سڏ ڪيو ته جيئن منهنجي پاسي ۾ اچي ڪري ويهي، سڀ سمجهي ويا ته سندن مراد علي ع کان سواءِ ڪو ٻيو نه آهي، (ڇو جو تاريخ  ۾ آيو آهي ته جنهن وقت رسول خدا(ص) مديني ۾ وارد ٿيا هئا، قبيله اوس ۽ خزرج جي درميان صيغه اخوت جاري ڪيو هو ۽ مهاجرن ۽ انصارن کي پڻ هڪ ٻئي جو ڀاءُ قرار ڏنو هيو، علي کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏيندي فرمايو هيائون: ”يا علي انت اخي في الدنيا والآخرة“)

حضرت علي ع رسول خدا(ص) جي ويجهو اچي ويٺا، ليڪن احساس ڪيائون ته نبي پاڪ(ص) چاهن ٿا ته بستر تان اٿن، علي کين اٿاري ڪري پنهنجي سيني جي ٽيڪ ڏئي ڪري ويهاريو[10] ، اڃان ٿورو ئي وقت گزريو هو جوسقرات جون علامتون سندن وجود مبارڪ تي ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويون، هڪ شخص ابن عباس کان پڇيو: پيغمبر اسلام(ص)  ڪنهن جي جهولي ۾ پنهنجا دم ڌڻي حوالي ڪيو؟ ابن عباس چيو: وفات جي وقت رسول خدا (ص) جو سر علي ع جي آغوش ۾ هيو، انهي ئي شخص چيو: بيبي عائشه جي دعوا آهي ته رسول خدا (ص) منهنجي جهولي ۾ وفات پاتي آهي؟ ابن عباس عائشه جي تڪذيب ڪئي ۽ چيو: پيغمبر (ص) علي ع جي جهولي ۾ دم ڏنو ۽ علي ۽ منهنجي ڀاءُ ”فضل“ کين غسل ڏنو.

اميرالموۡمنين پنهنجي هڪ خطبي ۾ هن مطلب جي تصريح ڪندي فرمائن ٿا: و لقد قبض رسول الله و ان راسه لعلي صدري و لقد وليت غسله الملائۃ اعوانيجنهن وقت رسول خدا جو روح قبض ٿيو سندن سر مبارڪ منهنجي سيني تي هيو، ۽ مون انهن کي غسل ڏنو ۽ ملائڪن پڻ منهنجي مدد ڪئي.

نبي سائينءَ جي غسل، نماز ۽ دفن جا مراسم

اميرالموۡمنين ع رسول(ص) کي غسل ۽ ڪفن ڏنو، ڇو جو نبي پاڪ فرمايو هيو ته: مون کي منهنجو نزديڪ ترين شخص،غسل ڏيندو،[11] ۽ اهو شخص علي کان سواءِ ٻيو ڪوئي نه هيو، پوءِ امام علي سندن چهري تان ڪپڙو هٽائي ڇڏيو، جڏهن ته ڳوڙهن جو سيلاب سندس اکين مان جاري هيو، ۽ هي جملو زبان تي هيو بابي انت و امي... منهنجا پيءُ ۽ ماءُ تو تي قربان، تنهنجي وڃڻ سان رشته نبوت، وحي الهي ۽ آسمانن جون خبرون جيڪي ڪنهن جي به موت سان ختم نه ٿيون، منقطع ٿي ويون، اگر توهان اسان کي مصيبتن جي مقابلي ۾ صبر ڪرڻ جي دعوت نه ڏني هجي ها ته آئون توهان جي فراق ۾ اهڙي طرح ڳوڙها ڳاريان ها جو ڳوڙهن جي سر چشمي کي خشڪ ڪري ڇڏيان ها، ۽ هي درد ڪنهن به درمان کي قبول نه ڪري ها، ۽ هي غم هميشه گڏ رهجي وڃي ها، ليڪن موت هڪ اهڙي شئي آهي جنهن کي موٽائڻ ڪنهنجي اختيار ۾ نه آهي، ۽ جنهن کي ٽاري ڇڏڻ ڪنهنجي وس ۾ نه آهي، منهنجا پيءُ ۽ ماءُ تو تي قربان، مالڪ جي بارگاهه ۾ اسان جو به ذڪر ڪجو ۽ پنهنجي دل ۾ اسان جو به خيال رکجو.[12]

جنهن شخص سڀ کان پهرين رسول خدا جي نماز جنازه پڙهي اهي اميرالمومنين علي ع هئا، ان کان بعد ڪجهه اصحابن سڳورن نماز ادا ڪئي، صحابي ٽولن جي صورت ۾ ايندا ويا ۽ سندن پيڪر مطهر تي نماز پڙهندا ويا، ۽ اهو سلسلو اڱاري جي ڏينهن ظهر تائين جاري رهيو، پوءِ فيصلو ٿيو ته رسول خدا جي وجود مبارڪ کي انهي ئي ڪمري ۾ سپرد خاڪ ڪيو وڃي جنهن ۾ رحلت فرمائي هيائون، ”ابو عبيده جراح“ ۽ ”زيد بن سهل“ سندن لحد کي آماده ڪيو، اميرالمومنين، فضل ۽ عباس جي مدد سان سندن دفن جي مراسم کي انجام ڏنو.

مددي ڪتاب:



-  قمي، حسيني، سيد محمد، مشعل هدايت، ج 4 ص 283   [1]

-  هڪ اوقيه تقريبا 7 مثقال جي برابر هوندو آهي، ٽي اوقيه يعني 21 مثقال چاندي. [2]

-  مشعل هدايت، ج 4 ص 284[3]

-  مشعل هدايت، ج 4 ص 285 تا 288 [4]

-  سورت آل عمران، آيت: 144  [5]

-  الشيخ المفيد، الارشاد في معرفة ححج الله علي العباد، ج 1 ص 186 [6]

-  صحيح بخاري،ج 2 ص 216[7]

  الطبقات الکبري لابن سعد، ج 2 ص 247 ، ذکر ما قال رسول الله (ص) لفاطمه ابنته فی مرضه -[8]

-  فضائل الخمسة من الصحاح الستة، ج ‏3 ص 38[9]

-  مشعل هدايت، ج 4 ص291[10]

-  الطبقات الکبري لابن سعد، ج 2 ص278 ، ذڪرغسل رسول الله (ص) وتسمیۃ من غسلہ [11]

-  نهج البلاغه، خطبه : 235[12]